Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

* حضرت سَيّدِنَا اَحمد بِن محمد صُوفي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا ته آئون ٽن مهينن تائين جهنگن ۾ گهمندو رهيس ، ايستائين جو منهنجي سڄي کل ڳري وئي. آخرڪار آئون مَدينه مُنوّرَه زَادَھَا الـلّٰـهُ شَرَفًاوَّتَعۡظِیۡمًا حاضر ٿيس ۽ مون سرور ڪونين   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي بارگاهه ۾ سلام عرض ڪيو ۽ سمهي رهيس. خواب ۾ جناب رسالت مآب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت سان شرفياب ٿيس، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي رهيا هئا: احمد تُو اچي وئين ڏس تنهنجو ڪهڙو حال ٿي ويو آهي ! مون عرض ڪيو: اَنَا جَائِعٌ وَاَنَا ضَیْفُکَ يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آئون بکايل آهيان ۽ توهان جو مهمان آهيان. سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن ارشاد فرمايو : هٿ کول جڏهن مون پنهنجا هٿ کوليا ته انهن ۾ ڪجهه درهم هئا، جڏهن اک کلي ته اهي درهم منهنجي هٿ ۾ موجود هئا، مون بازار مان وڃي ماني ۽ فالودو وٺي کاڌو. (جَذبُ القُلوب ص۲۰۷،وفاء الوفاء ج ۲ ص ۱۳۸۱، عاشقانِ رسول کی 130 حکایات، ص۲۷)

مانگیں گے مانگے جائیں گے مُنہ مانگی پائیں گے

سرکار میں نہ ’’لا‘‘ہے نہ حاجت’’اگر‘‘ کی ہے

 * حضرت عَلّامَه اَبُو الۡفَرج عَبدُالرَحۡمٰن بِن عَلي اِبن جَوزِي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه پنهنجي ڪتاب ”عُيُونُ الۡحِڪَايَات“ ۾ لکن ٿا ته هڪ پرهيزگار شخص جو بيان آهي ته مان مسلسل 3 سالن کان حج جي دعا ڪندو رهيس پر منهنجي حسرت پوري نه ٿي، چوٿين سال حج جي موسم جو بهار هيو ۽ دل آرزوءِ حرم ۾ بيقرار هئي هڪ رات جڏهن آءُ ستس منهنجو ڀاڳ کليو اَلْحَمْدُلِلّٰہ  عَزَّوَجَلَّ مون خواب ۾ جنابِ رسالت ماب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت سان شرفياب ٿيس پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو ”تون هن سال حج جي لاءِ هليو وڃجان“ منهنجي اک کُلي ته دل خوشي مان جهومي رهي هئي سرڪار مدينه راحت قلب وسينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اهو مٺو مٺو آواز ڪنن ۾ گونجي رهي هيو ”تون هن سال حج لاءِ هليو وڃجان“. بارگاه نبوت مان حج جي اجازت ملي وئي هئي، آءُ ڏاڍو خوش ٿيس اچانڪ ياد آيو ته