Book Name:Sakhawat e Mustafa
ڪوشش ڪندي مون کي مدني قافلي ۾ سَفَر ڪرڻ جي ترغيب ڏياري۔ ان جي ترغيب تي مان 3 ڏينهن جي مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس۔ مدني قافلي جي برڪت سان مون گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪري نمازن جي پابندي ڪرڻ وارو، فجر جي لاءِ مسلمانن کي جڳائڻ وارو ۽ ٻين کي مدني قافلن جو مسافِر بنائڻ وارو بڻجي ويس۔ )برکاتِ مکہ ومدینہ، صفحہ:18 (
لوٹنے رحمتیں قافِلے میں چلو سیکھنے سنتیں قافِلے میں چلو
دل پہ گر زَنگ ہو، سارا گھر تنگ ہو داغ سارے دُھلیں، قافِلے میں چلو
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب! صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: مَن اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَد اَحَبَّنِي وَمَن اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔)تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343(
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
قرآنِ پاڪ جي تلاوت ڪرڻ سُنَّت آهي
2 فرمانِ آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: (1): منهنجي اُمَّت جي اَفْضَل عبادت تلاوتِ قرآن آهي۔ (شُعَبُ الْاِیْمان، باب:تعظیم قرآن، جلد:2، صفحہ:347، حدیث:2004) (2): جيڪو رات جو 200 آيتون تِلاوت ڪري، ان جو نالو عبادت گذارن ۾ لکيو ويندو ۽ جيڪو 400 آيتن جي تِلاوت ڪري، ان جي لاءِ هڪ قِنطَاراَجر لکيو ويندو، هڪ قِنطَار 120 قيراط جي برابر آهي ۽ هڪ قيراط اُحُد جبل جيترو آهي۔ )شُعَبُ الاِیْمَان، جلد:2، صفحہ:401، حدیث:2197( اي عاشقانِ رسول! قرآنِ ڪريم جي تِلاوت