Book Name:Sakhawat e Mustafa
ڪرڻ سُنَّت آهي۔ اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪثرت سان قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪندا هئا * حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: ڪا شيء پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي تِلاوت کان نه روڪندي هئي * پاڻ سڳورا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رات جي نماز ۾ ڪڏهن ڪڏهن پُوري سورت بقره ۽ سُورَت آلِ عمران جي تلاوت ڪندا هئا * روزانو رات جو سُورت سجده، سُورت ملڪ، سورت بني اسرائيل، سورت زمر، سُورَت ڪافرون، سُورت فلق ۽ سُورت ناس جي تلاوت ڪري سمهندا هئا۔
الله پاڪ اسان کي به خوب تِلاوتِ قرآن ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي۔
اٰمِیْنْ بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْنِ صلَّی اللہ عَلَیْہ ِوَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ
(101مَدَنی پھول،ص۲۷)
عاشقانِ رسول، آئیں سنت کے پھول دینے لینے چلیں، قافلے میں چلو
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیب! صَلَّی اللهُ علٰی مُحَمَّد