Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

رزقِ حلال ڪمائڻ جو ذهن بڻايون ۽ حسب استطاعت صدقو ۽ خيرات به ڪندا رهون. پنهنجي رشتي دارن، پاڙي وارن ۽ ٻين غريبن جي مالي مدد به ڪريون. حقيقت هي آهي ته جيڪو ڪنهن جي مدد ڪندو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ به ان جي مدد فرمائيندو آهي ۽ راهِ خدا ۾ ڏيڻ سان مال وڌندو آهي گهٽجندو ناهي. صدقي جي فضائل ۽ برڪات سان مالا مال فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي؛ صدقو مال ۾ گهٽتائي ناهي ڪندو ۽ الله تعالي معاف ڪرڻ جي ڪري ٻانهي جي عزت ئي وڌائيندو آهي ۽ جيڪو الله عَزَّوَجَلَّ جي رضا جي خاطر انڪساري ڪندو آهي، ته الله تعاليٰ ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي.(صحيح مسلم، ص. 1397، حديث 2588) 

مال رکڻ پسند نه فرمايائون

اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جي شانِ بي نيازي هئي ته درِ اقدس ۾ مال رکڻ به پسند نه فرمايو بلڪه فورًا ان کي صدقو فرمائي ڇڏيندا هئا. جيئن ته هڪ ڀيري جو واقعو آهي ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  نمازِ عصر پڙهائي ۽ سلام ڦيريندي ئي جلد دولت خانه ۾ تشريف کڻي ويا، ۽ جلدي ٻاهر آيا، صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان جن کي تعجب ٿيو! پاڻ سڳورن فرمايو ته مون کي نماز ۾ خيال آيو ته صدقي جو ڪجهه سون گهر ۾ پيو آهي، مون کي پسند نه آيو ته رات ٿي وڃي ۽ اهو گهر ۾ پيو رهي، انهيءِ لاءِ وڃي ان کي تقسيم ڪرڻ جو چئي آيو آهيان. (صحيح البخاري، ج. 1، ص. 411، حديث 1221)  

حضرت سَيّدُنا اَبُو ذَر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا؛ هڪ ڏينهن مان نبِي اَڪرَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن سان گڏ هيس. جڏهن پان سڳورن احد جبل کي ڏٺو ته فرمايو؛ ”جيڪڏهن هي جبل منهنجي لاءِ سون بڻجي وڃي ته مان پسند نه ڪندس ته ان مان هڪ دينار به مون وٽ ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رهجي وڃي، سواءِ ان دينار جي جنهن کي مان قرض جي ادائيگي جي لاءِ رکي ڇڏيان“

 (صحيح بخاري،   ج. 2، ص. 105، حديث 2388)