Book Name:Sakhawat e Mustafa
مٺا مٺا اسلام ڀائرؤ! ياد رکو! تحفو ڏيڻ وٺڻ هجي يا ٻيو ڪو معاملو هجي حلال ذريعو ئي اختيار ڪرڻ گهرجي ڇو ته حرام ذريعي سان حاصل ٿيڻ واري مال جو کائڻ، پيئڻ، پارائڻ يا ڪنهن ٻئي ڪم ۾ استعمال ڪرڻ حرام ۽ گناهه آهي. ان جي سزا دنيا ۾ مال جي گهٽتائي، ذلت ۽ بي برڪتي آهي ۽ آخرت جي سزا جهنّم جي ٻرندڙ باهه جو دردناڪ عذاب آهي. فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آهي جيڪو شخص حرام مال ڪمائي ٿو ۽ وري صدقو ڪري ٿو ان کان قبول ناهي ڪيو ويندو ۽ ان مان خرچ ڪندو ته ان ۾ برڪت نه ٿيندي ان کي پنهنجي پويان ڇڏيندو ته هي ان جي لاءِ دوزخ جو سامان هوندو. (شرح السنۃ للبغوی ج۴ ص۲۰۵،۲۰۶ حدیث ۲۰۲۳ دارالکتب العلمیۃ بیروت)
تنهنڪري اسان کي گهرجي تي حلال طريقي سان مال ڪمايون ۽ پنهنجي ضرورت جي علاوه جيڪو بچيل مال نظر اچي ان کي فضول شين ۾ برباد ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي محتاج غريب مسلمانن ڀائرن جي مالي مدد ڪريون، مسجدون، مدرسا ۽ نيڪي جي ڪمن ۾ ترقي جي لاءِ گهڻي کان گهڻو مال خرچ ڪريون، اِنْ شَآءَالله عَزَّوَجَلَّ گهڻي کان گهڻي برڪت نصيب ٿيندي، جيئن ته سيپاري 3 سورة البقره جي آيت نمبر 274 ۾ ارشاد آهي:
اَلَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ اَمۡوَالَہُمۡ بِالَّیۡلِ وَ النَّہَارِ سِرًّا وَّ عَلَانِیَۃً فَلَہُمۡ اَجۡرُہُمۡ عِنۡدَ رَبِّہِمۡ ۚ وَ لَا خَوۡفٌ عَلَیۡہِمۡ وَ لَا ہُمۡ یَحۡزَنُوۡنَ (۲۷۴)ؔ
ترجمو ڪنزالايمان: ۽ جيڪي پنهنجو مال خرچ ڪندا آهن رات ۽ ڏينهن ۾ لِڪل ۽ ظاهر انهن جي لاءِ انهن جو اجر آهي سندن رَبّ وٽ ۽ انهن کي نه ڊپ ۽ نه ڪو غم آهي.
اهڙي طرح سيپاري 3 سورة البقره آيت نمبر 261 ۾ ارشاد آهي:
مَثَلُ الَّذِیۡنَ یُنۡفِقُوۡنَ اَمۡوَالَہُمۡ فِیۡ سَبِیۡلِ اللّٰہِ کَمَثَلِ حَبَّۃٍ اَنۡۢبَتَتۡ سَبۡعَ سَنَابِلَ فِیۡ کُلِّ سُنۡۢبُلَۃٍ مِّائَۃُ حَبَّۃٍ ؕ وَ اللّٰہُ یُضٰعِفُ لِمَنۡ یَّشَآءُ ؕ وَ اللّٰہُ وَاسِعٌ عَلِیۡمٌ (۲۶۱)
ترجمو ڪنزالايمان: انهن جو