Sakhawat e Mustafa

Book Name:Sakhawat e Mustafa

رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ چيو رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حُنين جي ڏينهن مونکي مال عطا فرمائڻ لڳا، حالانڪه حضور منهنجي نظر ۾ سڀ کان وڌيڪ ناپسنديده هئا پوءِ پاڻ  ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مونکي عطا فرمائيندا رهيا. ايستائين جو منهنجي نظر ۾ محبوب ترين ٿي ويا.

 (سنن الترمذی ،کتاب الزکاۃ،ج۲،ص۱۴۷،حدیث۶۶۶)

علماءِ ڪرام فرمائن ٿا: حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ان هڪ ڏينهن جي عطا  وڏن سخي بادشاهن جي عمر ڀر جي سخاوت ۽ بخشش کان گهڻي هئي،  جهنگ ٻڪرين سان ڀريل آهن ۽ حضور (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) عطا فرمائي رهيا آهن. گهرڻ وارا ميڙ جي صورت ۾ اڳتي  وڌي رهيا آهن ۽ حضور(صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) پوئتي هٽندا ٿا وڃن. ايستائين جو سڀ مال ورهائجي ويو، هڪ اعرابيءَ (يعني عرب جي ڳوٺ ۾ رهڻ واري) چادر مبارڪ بدن اقدس تان ڇڪي ورتي، جنهن سان مبارڪ ڪلها ۽ چيلهه مبارڪ تي نشان پئجي ويا، هن تي ايترو فرمايائون اي انسانؤ! جلدي نه ڪيو، الله جو قسم توهان مونکي ڪنهن به وقت بخيل نه ڏسندا. (ملتقطاً،صحیح البخاری، کتاب الجہاد والسیر، باب الشجاعۃ فی الحرب۔۔الخ، الحدیث ۲۸۲۱، ج۲، ص۲۶۰،ملفوظات، ص۱۲۲)

   اهڙي طرح حضرت سهل بن سعد رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيان ڪندا آهن هڪ عورت هڪ چادر کڻي آئي ان عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! هي مون پنهنجي هٿ سان سِبي آهي، مان توهان جي پائڻ لاءِ کڻي آئي آهيان. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ضرورت هئي، اهڙي طرح پاڻ اها چادر ورتي، پوءِ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اسان ڏانهن نڪتا ۽ اها چادر گوڏ جي طور تي ٻڌل هئي. هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ ڏٺو ته عرض ڪيو: واهه ڪيڏي ته سٺي چادر آهي هي مونکي پارائي ڇڏيو. پاڻ فرمايائون ها! ڪجهه دير کان بعد پاڻ مجلس کان تشريف کڻي ويا، پوءِ واپس تشريف کڻي آيا ۽ اها چادر ويڙهي ڪري ان صحابي ڏانهن موڪلي ڏني. صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان هن کي چيو توهان سٺو ناهي ڪيو، جيئن ته توهان کي معلوم آهي ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪنهن سواليءَ کي ناهن موٽائيندا. اهو صحابي رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ چوڻ لڳو: الله جو قسم! مون صرف انهيءَ لاءِ