Book Name:Aal e Nabi Ke Fazail
عالمن سڳورن ۽ ڪنهن به ديندار شخص جي ويجھو به نه وڃجان، نه ته هو توکي گمراھ ڪري ڇڏيندا، جيئن ته عاشقانِ رسول کي مذهبي لباس ۾ ڏسي، انهن تي ٺٺوليون ڪرڻ، فلمون ڏسڻ، گناهن ۾ مشغول ٿيڻ منهنجو عام معمول هو، منهنجي اصلاح جو سامان ڪجھ اهڙي طرح ٿيو جو منهنجو پيارو مامو پنهنجي بد مذهبيت کان توبه ڪري دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ شامل ٿي ويو، هڪ ڏينهن مامي مون کي هڪ رسالو ڏنو، جنهن جو نالو هيو، "ڪربلا جو خوني منظر" مون رسالو رکيو، نالو پڙهيم ته ڏاڍو سٺو لڳو، مون اهو رسالو کولي پڙهڻ شروع ڪيو، پهريون دفعو اهلبيت سان عقيدت جو اظهار اهڙي با ادب انداز ۾ پڙهيو هيم، لکڻ جو انداز ايترو ته درد ڀريل ۽ اثرائتو هو جو لفظ منهنجي دل تي لهندا ويا، رسالو پڙهندي پڙهندي مان ڪربلا وارن تي ٿيندڙ ظلم و ستم جو خيال ڪري روئڻ لڳس. ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُھُمُ الْعَالِیَه جي ڏنل اصلاح جي مدني گلن مون کي جهنجهوڙي(سجاڳ ڪري) ڇڏيو، مون کي روئندو ڏسي، منهنجي ڀيڻ ويجهو آئي، مون ان کي به ٻڌائڻ شروع ڪيو، هوءَ به مون سان گڏ روئڻ لڳي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اصحابن و اهل بيت رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جي عاشق جي هٿ سان لکيل رسالي جي برڪت هٿون هٿ ظاهر ٿي ۽ مون ۽ منهنجي ڀيڻ انهي ئي وقت توبهه ڪئي ۽ نماز پڙهڻ جي نيت ڪئي، هي سڌي راھ پهريون قدم هو، پوءِ آهستي آهستي دروازا کُلندا ويا، مون دعوتِ اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ به شرڪت ڪئي، پوءِ آهستي آهستي سڀني گهر وارن به بد مذهبيت کان توبهه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ شامل ٿي ويا.
عطائے حبیبِ خُدا مدنی ماحول ہے فیضانِ غوث و رضا مدنی ماحول
سنور جائے گی آخرت ان شآء اللہ تم اپنائے رکھو سدا مدنی ماحول
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد