Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

محبت جي لاءِ منهنجي اهل بيت سان محبت ڪيو۔ هڪ حديثِ پاڪ ۾ ارشاد آهي ته جنهن منهنجي صحابه سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي، جنهن منهنجي صحابه سان بُغض رکيو، ان مون سان بغض رکيو۔

  مُفَسِّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان نعيميرَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: الله پاڪ جي محبت جي لاءِ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ضروري آهي ۽ رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت جي لاءِ حُضُور جي سڀني اصحابن سان، حُضُور جي اَهلِ بيت، اَولادِ پاڪ ۽ اَزواجِ مطهرات سان محبت لازم ۽ ضروري آهي، اهي تمام محبتون ايمان ۾ داخِل بلڪه عينِ ايمان (يعني ايمان جو بنياد) آهن۔ (تفسیر نعیمی، پارہ:2، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:165، جلد:2، صفحہ:137)

محمد کی محبت دینِ حق کی شرطِ اَوَّل ہے           اسی میں ہو  اگر  خامی تو سب کچھ نامکمل ہے

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  اي عاشقانِ رسول !18 ذُوالحج اسلام جي ٽئين خليفي، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عُرسِ مبارڪ جو ڏينهن آهي، الحمد لله! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ سان بي پناھ محبت ڪرڻ وارا هئا، اچو! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ جي روشني ۾ ڏسون ٿا ته الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارن جو اندازِ زِندگي ڪيئن هوندو آهي، انهن جون ڪهڙيون وصفون هونديون آهن، اهڙي طرح ذِڪرِ عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون برڪتون به نصيب ٿي وينديون ۽ گڏوگڏ الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارن جا ڪجھ انداز ۽ اَوصَاف به سکڻ لاءِ ملي ويندا۔

عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو مختصر تعارُف

* حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه صحابي رسول آهن * سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پڦيء سائڻ حضرت اُمّ حڪيم رَضِىَ اللهُ عَنۡهَا جا ڏوهٽا آهن يا ايئن کڻي چئجي ته ڪجھ پري جي رشتي ۾ مالِڪ جنّت، قاسِمِ