Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

نبی کے نور دو لے کر  وہ ذو النورین کہلائے       انہیں  حاصِل  ہوئی  یوں  قربتِ  محبوبِ  رحمانی

(وسائل بخشش، صفحہ:584)

* اسلام جي ٻئين خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شهادت کان بعد مسلمانن جي ڪثرتِ راءِ  سان حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه خليفو مقرر ٿيو، 12 سال تائين خليفا رهيا، 18 ذو الحجه 35 سن هجري جو 40 ڏينهن بُکايل اُڃايل رهي ڪري نهايت مظلوميت سان شهيد ڪيا ويا۔ (نزہۃ القاری، جلد:1، صفحہ:544۔کرامات ِ عثمان غنی، صفحہ:3)

”قبولِ حق“ محبتِ  اِلٰهي جي لاءِ  پهريون شرط  آهي

اَمِيرُالمُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اسلام قبول ڪرڻ کان پهريان جي ڳالھ آهي، هڪ رات گھر تشريف آندائون ته ڏٺائون ته سندن ماسي حضرت سُعۡديٰ رَضِىَ اللهُ عَنۡها گھر آيل آهن، ماسيءَ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڏسي فرمايو: اي عثمان! مُحَمَّد صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نبي آهن، جن کي الله پاڪ بُرهان (يعني دليل) ڏئي موڪليو ۽ دِينِ حق سان مَبعُوث فرمايو آهي، سندن فرمانبرداري ڪر۔

ماسيءَ  حضرت عثمان رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي سمجھائيندي دِينِ اسلام جي سچائي جي باري ۾ ٻيون به ڳالهيون ارشاد فرمايون، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: ماسيءَ جون ڳالهيون منهنجي دِل ۾ ويهي ويون، هاڻي مان ان بابت سوچ ويچار ڪرڻ لڳس۔ حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه منهنجا دَوست هئا، مان انهن وٽ ويس، اتفاق سان ان وقت حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه اڪيلا ئي هئا، مان اڃا تائين ماسيء جي ڳالھين جي باري ۾ غور و فڪر ڪري رهيو هيس، حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه مون کي سوچ ۾ گُم ڏسي ان جو سبب پڇيو ته مون ماسيءَ جون سڀئي ڳالهيون حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ٻڌايون، منهنجون ڳالهيون ٻُڌي ڪري حضرت ابو بڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن فرمايو: عثمان! توهان ته سمجھدار آهيو، توهان تي حق ڪيئن پوشيده رهجي ويو...؟