Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

۾ حاضِري جو، الله پاڪ سان ملاقات جو گھڻو شوق رکندو آهي، حديثِ پاڪ ۾ آهي: مَنْ اَحَبَّ لِقَاءَ اللہِ اَحَبَّ اللہُ لِقَائَہٗ جيڪو الله پاڪ سان ملاقات جو شوق رکي ٿو، الله پاڪ ان سان ملاقات کي پسند فرمائي ٿو۔

مُفَسرِ قرآن، حڪيم الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي حوالي سان فرمائن ٿا: هن حديثِ پاڪ ۾ الله پاڪ جي ملاقات مان مراد موت آهي ڇوته موت ئي الله پاڪ سان ملاقات جو ذريعو آهي پر الله پاڪ سان ملاقات کي پسند ڪرڻ جي اها معنٰي نه آهي ته ٻانهو موت جي آرزو ڪري، مرڻ جون دُعائون گھري، اهو منع آهي، الله پاڪ سان ملاقات کي پسند ڪرڻ جي معني اها آهي ته انسان دُنيا ۾ دِل نه لڳائي، آخرت جي تياري ڪري، هر وقت الله پاڪ جي رِضا وارن ڪمن ۾ مَصرُوف رهي، اهڙي ٻانهي کي الله پاڪ پسند فرمائي ٿو، ان جي زِندگي به الله پاڪ کي پياري آهي ۽ ان جو موت به الله پاڪ کي پيارو آهي۔

معلوم ٿيو: الله پاڪ جي بارگاھ ۾ حاضِري جو شوق هئڻ يعني دُنيا ۾ دِل نه لڳائڻ، آخرت کي پسند ڪرڻ، الله پاڪ جو ديدار هن دُنيا ۾ نٿو ٿي سگھي، صِرف مرڻ کان پوءِ، قيامت جي ڏينهن ۽ جنّت ئي ۾ نصيب ٿيندو، ان ڪري الله پاڪ جي ديدار جي لاءِ تڙپڻ، مچلڻ، الله پاڪ جي ديدار جو شوقين هئڻ، بَس انهيء شوق ۾ پاڻ کي گُنَاهن کان بچائي رکڻ، الله پاڪ کي راضِي ڪرڻ وارن ڪمن ۾ مَصرُوف رهڻ ته جيئن جنّت ۾ داخِلا ملي ۽ الله پاڪ جي ديدار جو شَرف حاصِل ٿي وڃي، اهو شوق انهيء کي نصيب ٿيندو آهي جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي۔

محبتِ اِلٰهي ماڻڻ جا نسخا

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان الله پاڪ جي محبت جون فضيلتون ٻڌيون، الله پاڪ سان محبت ڪرڻ واري هڪ نيڪ شخص حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ جا ڪجھ پهلو ٻُڌا، ڪيتري فخر لائق سيرت آهي، اها ”محبتِ اِلٰهي“