Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

الفت کی بھیک دے دو، دیتا ہوں واسطہ میں          صدیق کا عمر کا، عثمان کا علی کا

(وسائِلِ بخشش، صفحہ:178)

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه   عَلٰي مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله

اي عاشقانِ رسول! نيڪ بڻجڻ، گُنَاهن کان بچڻ ۽ ان ذريعي سان الله پاڪ جي محبت ماڻڻ جي ڪوشش ڪرڻ جي لاءِ عاشقان رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفر ڪرڻ جو معمول بڻايو، ان جي برڪت سان اِن شَآءَالله الڪرِيم! عاشقانِ رسول جي صحبت ملندي، عِلمِ دين سکڻ نصيب ٿيندو، نيڪيون ڪرڻ، گُنَاهن کان بچڻ جو ذِهن بڻجندو ۽ سڀ کان اَهم ڳالھ اها ته سُنَّتِ انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ السَّلَام يعني نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو.

گُنَاهن کان ڇوٽڪارو ملي ويو

هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي: مان دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچڻ کان پهريان گُنَاهن جي دلدل ۾ ڦاٿل هيس، شراب پيئڻ، ماءُ پيءُ کي ستائڻ، نمازون قضا ڪرڻ منهنجو معمول هو، هڪ ڀيري منهنجي ڀاڻيجي مون کي مدني قافلي ۾ سفر جي دعوت ڏني، مان نٽائيندو رهيس پر ان همت نه هاري ۽ مسلسل دعوت ڏيندو رهيو، نيٺ هڪ ڀيري مان مدني قافلي جو مسافِر بڻجي ويس، مدني قافلي دوران نيڪي جي دعوت، سنتن ڀريا بيان ٻڌڻ جو موقعو مليو، پڻ شيخ طريقت، امير اهلسنت باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَتۡ بَرَکاتُهمُ العَالِيۡه جا مختلف رسالا پڙھڻ به نصيب ٿيا، بس انهن سڀني شين جو مون تي اهڙو اَثر ٿيو جو دِل ۾ انقلاب برپا ٿي ويو، مون گُناهن کان سچي پڪي توبه ڪئي، شراب ڇڏي، نمازون پڙھڻ لڳس ۽ ماءُ پيءُ جو فرمانبردار بڻجي ويس، الحمد لله! مدني قافلي جي برڪت سان مون ڏاڙھي شريف رکي، مٿي تي عمامي جو تاج سجايو، هاڻي مان هڪ مسجد جو