Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

هئا پر ڀيڻ جي اها ڳالھ ٻڌندي ئي ڊڄي ويا ۽ اصرار ڪري ڀيڻ کي باربار چيائون: چئو! الله پاڪ مون کي نه ماريندو، چئو! الله پاڪ مون کي نه ماريندو۔ نيٺ ڀيڻ کان اهو چورائي ئي پوءِ خاموش ٿيا۔ )تعارف امیر اہلسنت، صفحہ:28(

اچو! گڏجي دُعا گھرون ٿا:

مُعَاف فضل و کرم سے ہو ہر خطا یارَبّ               ہو مَغْفِرت پئے سلطانِ انبیاء یارَبّ

نبی کا صدقہ سدا کے لئے تُو راضی ہو                     کبھی بھی ہونا نہ ناراض یاخُدا یارَبّ

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 قرآنِ پاڪ جي محبت، عبادت ۾ لذت

  پيارا اسلامي ڀائرو! سيپاري: 23، سوره زُمَر، آيت نمبر 9 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:

اَمَّنْ هُوَ قَانِتٌ اٰنَآءَ الَّیْلِ سَاجِدًا وَّ قَآىٕمًا یَّحْذَرُ الْاٰخِرَةَ وَ یَرْجُوْا رَحْمَةَ رَبِّهٖؕ-  (پاره23،سورۃالزمر:9)

ترجموڪنزالايمان: ڇا اهو جنهن گذاريون فرمانبرداريءَ ۾ رات جون گهڙيون سجدي ۽ قيام ۾ آخرت کان ڊڄندي ۽ پنهنجي رب جي رحمت ۾ اميد رکندي.

هڪ قول مُطَابق اها آيت سڳوري اسلام جي ٽئين خليفي، اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شان ۾ نازِل ٿي.)صِراطُ الجنان، پارہ:23، الزمر، تحت الآیہ:9، جلد:8، صفحہ:438-439ماخوذاً( ۽ هن آيت ۾ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون ٽي صِفتون بيان ٿيون آهن: (1): حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه رات جو گھڻو سجدا ڪرڻ وارا، نمازون پڙھندڙ آهن (2): حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه آخرت جو گھڻو خوف رکندڙ آهن (3): حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه الله پاڪ جي رحمت مان وڏي اُمِّيد رکندڙ آهن۔

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زوجهءِ محترمه فرمائن ٿيون: حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سڄي رات عبادت ڪندا هئا ۽ هڪ رڪعت ۾ سڄي قرآن جي