Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

رِضاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيقرار رهڻ

  حضرت ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه بيمار ٿي پيا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضوَان کي ساڻ وٺي سندن تيمار داري جي لاءِ ويا ته ڏٺائون ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه چهرو زمين ڏانهن ڪري ليٽيل هئا، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عثمان! ڇا ٿيو، پنهنجو مٿو مٿي ڇو نٿا کڻو؟ عرض ڪيائين: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي الله پاڪ کان حياءُ اچي ٿو۔ سرڪارِ عالي، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇو حياءُ اچي ٿو؟ عرض ڪيائين: يارَسُول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مان ڊڄان ٿو ته ڪٿي منهنجو پاڪ پروردگار مون کان ناراض نه ٿي ويو هجي...!!(ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:20)

الله اڪبر! الله اڪبر! اي عاشقانِ رسول ! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪو گُنَاھ جو ڪم نه ڪيو هو، الله پاڪ جي ناراضي وارو ڪو ڪم نه ٿيو هو، پر جيڪو سچو عاشِق هوندو آهي، ان کي بَس هر وقت اهو خوف رهندو آهي ته ڪٿي منهنجو محبوب مون کان ناراض نه ٿي وڃي، حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي به اهڙي طرح خوف هو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه زمين ڏانهن چهرو ڪري ستل هئا، مٿو مٿي نه کنيائون، ڄڻ پنهنجي طَور تي شرمساري جو اِظهار ڪري رهيا هئا ته افسوس! منهنجو رَبّ مون کان ناراض ته نه ٿي ويو۔ جڏهن سلطانِ انبياء، محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي پياري صحابي حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڳالھ ٻُڌي ته فرمايائون: عثمان! هي جبريل عَلَيه السَّلَام آهي، مون کي خبر ڏئي رهيو آهي ته توهان آسمان وارن جا ۽ زمين وارن جا نُور ۽ جنّت وارن جا چراغ آهيو۔       (ریاض النضرۃ، الباب:الثالث، فصل:السادس، جز:3، صفحہ:20)

جو دِل  کو ضیا دے جو مقدر کو جِلا دے                    وہ جلوۂ دیدار ہے عثمانِ غنی کا

جس آئینہ میں نُورِ اِلٰہی نظر آئے                           وہ آئینہ رُخسار ہے عثمان غنی کا