Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

سنَّت کے مطابق میں ہر اِک کام کروں کاش!                تُو پیکرِ سنَّت مجھے اللہ بنا دے

”مظلوم جي مدد ڪرڻ“سُنَّتِ مصطفيٰ آهي

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جيڪو ڪنهن مظلوم جي فرياد رسي ڪري، الله پاڪ ان جي لاءِ 73 مغفرتون لکندو، انهن مان هڪ سان ان جي تمام ڪمن جي درستي ٿي ويندي ۽ 72 مان قيامت واري ڏينهن ان جا درجا بلند ٿيندا۔ (شُعبُ الاِیمان، باب: التعاون علی البر، جلد:6، صفحہ:120، حدیث:7670)

          اي عاشقانِ رسول! مظلوم جي مدد ڪرڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي * اسان جا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مظلومن جي مدد ڪندا هئا ۽ ظالمن کان مظلومن کي حق ڏياريندا هئا * جيڪو به فرياد کڻي ايندو هو ان جي فرياد رسي ڪندا هئا، هڪ ڀيرو هڪ يتيم حاضِر ٿي شڪايت ڪئي ته ابوجهل منهنجي مال تي قبضو ڪري ورتو آهي، توڙي جو ابوجهل سخت دشمنِ مصطفيٰ هو پر مظلومن جي آقا، بيڪسن جي داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ابوجهل کان ان يتيم جو مال وٺي يتيم جي حوالي ڪيو۔ )سیرۃ الحلبیہ، باب: عرض قریش، جلد:1، صفحہ: 445( * هڪ ڀيري هڪ اُٺ روئي بارگاھ رسالت ۾ فرياد ڪيو ته رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُٺ جي مالڪ کي گھرائي ان کي پورو چارو کارائڻ ۽ وزن گھٽ رکڻ جي تلقين فرمائي۔)ابو داؤد، کتاب:الجہاد، صفحہ:408، حدیث:2549(

مجھ سے بےکس کی دولت پہ لاکھوں درود          مجھ سے بےبَس کی قُوَّت پہ لاکھوں سلام

 وضاحت: يعني مان غريب آهيان، منهنجي دولت ٻنهي جھانن جا تاجدار، محبوبِ پروردگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن، مان بيوس آهيان ۽ مون کي سهارو ڏيڻ وارا منهنجا آقا ۽ موليٰ مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهن۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد