Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

خلق پہ لطفِ خُدا حضرت عثمان ہیں                    جملہ مرض کی دوا، درد کے درمان ہیں

بابِ سخا کھل گیا، دیکھا جو یہ ماجرا                          غازیانِ مصطفےٰ بےسرو سامان ہیں

پيارا اسلامي ڀائرو! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرتِ پاڪ جي هن پهلو مان معلوم ٿيو جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو الله پاڪ جي راھ ۾ قرباني پيش ڪرڻ کان ڪڏهن به پوئتي ناهي رهندو بلڪه دِل کولي سخاوت ڪندو آهي، الله پاڪ جي راھ ۾ پنهنجو مال خرچ ڪندو آهي ۽ ان مال خرچ ڪرڻ سان ان جو مقصد ڏيکاءُ ناهي هوندو، اهو ٻين کي ڏيکارڻ جي لاءِ، پنهنجي ساراھ ٻڌڻ جي لاءِ، مال خرچ ناهي ڪندو، جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو پنهنجي سخاوت جون تصويرون اخبارن ۾ ڇپرائي، سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري غريبن جي عزَّت جو جنازو ناهي ڪڍندو بلڪه جيڪو الله پاڪ سان محبت ڪرڻ وارو هوندو آهي اهو هر ڪم صِرف ۽ صِرف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ ڪندو آهي، ان جو مطلوب، ان جي منزل ۽ مقصد صرف هڪ هوندو آهي: ۽ اهو آهي صرف ۽ صرف الله پاڪ جي رِضا۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَ رِضْوَانٌ مِّنَ اللّٰهِ اَكْبَرُؕ-  (پاره:10، سورۂ توبه:72)       

ترجموڪنزالايمان: ۽ الله جي رضا سڀ کان وڏي آهي.

تاج و تخت و حکومت مت دے                        کَثْرتِ مال و دولت مت دے

اپنی رِضا کا دے دے مژدہ                                یااللہ میری جھولی بھر دے

محبوب  سان ملاقات جي  لاءِ   بيتابي

حضرت سهل بن سعد رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، هڪ ڏينهن سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، حضرت ابو بڪر صديق، حضرت عمر فاروق ۽ حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡهم اهي چار اعليٰ رُتبي وارا، اُحُد جبل تي هئا، اوچتو اُحُد جبل لُڏڻ لڳو۔