Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

مؤذن آهيان ۽ پنج ئي نمازون باجماعت مسجد ۾ ادا ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪندو آهيان۔ (شرابی مؤذن کیسے بنا؟، صفحہ:15)

اُلْفتِ مصطفےٰ اور خوفِ خُدا                                 چاہئے گر تمہیں قافلے میں چلو

گر مدینے کا غم، چاہئے چشمِ نَم                            لینے یہ نعمتیں قافلے میں چلو

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

”ماهوار فيضانِ مدينه“ ايپلي ڪيشن

پيارا اسلامي ڀائرو! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي آئي، ٽي ڊيپارٽمنٽ هڪ تمام پياري موبائل ايپليڪيشن جاري ڪئي آهي، ان جو نالو آهي: ماهنامه فيضان مدينه (Mahnama Faizan e Madina)۔ هن ايپليڪيشن ۾ هن وقت تائين جارِي ٿيندڙ سمورا ماهوار رسالا PDF جي صُورت ۾ موجود آهن، ان کان عِلاوه * تمام ماهوار مضمون (آرٽيڪلز) ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن جن کي ڪاپي ڪري شيئر ڪري سگھجي ٿو * سهولت جي لاءِ سرچ آپشن به ڏنو ويو آهي، جنهن جي مدد سان ماهوار جو ڪو مضمون وغيره تلاش به ڪري سگھجي ٿو۔ اوهان به اها ايپلي ڪيشن پنهنجي اِسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ چند آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ هڪ ڏينهن تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٽي ڀيرا فرمايو: منهنجي نائِب تي الله پاڪ جي رَحمت هجي۔ عَرض ڪيو ويو: حُضُور! اوهان جا نائِب ڪير آهن؟ فرمايائون: منهنجي سُنّت سان مَحبَّت ڪرڻ ۽ ٻين کي سيکارڻ وارا۔ (جامع بیانِ عِلْم، بَابُ:عِلْم کے فضائل، جلد: 1صفحہ:201، حدیث: 220)