Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

الله پاڪ اسان کي به محبتِ اِلٰهي نصيب فرمائي ۽ ڪاش! اَمِيرُالمُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي قرآنِ ڪريم جي محبت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان به ڏينهن رات قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ آمين بجاه النبي الامين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ .

رِضاءِ اِلٰهي جي طلب ۽ مالي قرباني

سيپاري: 3، سوره بقره، آيت: 262 ۾ ارشاد آهي:

اَلَّذِیْنَ یُنْفِقُوْنَ اَمْوَالَهُمْ فِیْ سَبِیْلِ اللّٰهِ ثُمَّ لَا یُتْبِعُوْنَ مَاۤ اَنْفَقُوْا مَنًّا وَّ لَاۤ اَذًىۙ-لَّهُمْ اَجْرُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْۚ-وَ لَا خَوْفٌ عَلَیْهِمْ وَ لَا هُمْ یَحْزَنُوْنَ(۲۶۲)  (پاره3،سورۃالبقرۃ:262)        

ترجموڪنزالايمان: جيڪي ماڻهو پنهنجو مال الله جي واٽ ۾ خرچ ڪندا آهن پوءِ ڏني پٺيان نه ٿورو ڄاڻائين ۽ نه تڪليف ڏين انهن جو اجورو سندن ربّ وٽ آهي ۽ انهن کي نه ته ڪو ڊپ هجي نه ڪو غم.

مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: اها آيتِ ڪريمه اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي حق ۾ ۽ حضرت عبد الرحمٰن بن عوف رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي حق ۾ نازِل ٿي، هن آيت سڳوري جي مُطَابق حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اها وڏي رتبي واري هستي آهن جيڪي راھِ خُدا ۾ دِل کولي مال خرچ ڪندا آهن پر خرچ ڪرڻ کان پوءِ نه ته احسان ڄاڻائن ٿا ۽ جنهن تي مال خرچ ڪن ان کي تڪليف به نٿا پهچائن بلڪ ”نيڪي ڪري وساري ڇڏڻ“ وارو معاملو آهي جو راھ خُدا ۾ خرچ ڪري ڄڻ ان کي وساري ڇڏين ٿا، ڪو دُنياوي فائدو نٿا چاهن بَس الله پاڪ جي رِضا جا طلب گار رهن ٿا۔

سُبحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو ڪريو! اَمِيرُ المُؤمِنِين حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪيڏي ڪمال درجي جا سخي آهن جو سندن سخاوت جو