Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

   الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي اهڙي همت، اها طاقت، عبادت ۾اهڙي استقامت..! اهو ڇا آهي؟ اها ايمان جي طاقت آهي، اها ايمان جي لذّت ۽ حلاوت آهي، جيڪا انهن نيڪ بزرگن کي حاصل هئي، اها لذَّت ڪيئن ملندي آهي؟ اسان حديثِ پاڪ ٻُڌي ته جيڪو الله پاڪ ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول
صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان ڪامِل محبت ڪري، ڪنهن جي محبت کي ان محبت تي ترجيح نه ڏي، ڪفر کان نفرت ڪري، ان کي ايمان جي لذَّت نصيب ٿي ويندي آهي۔

محبت میں اپنی گما یااِلٰہی                          نہ پاؤں میں اپنا پتا یااِلٰہی

رہوں مست و بےخُود میں تیری وِلا میں     پِلا جام ایسا پِلا یااِلٰہی

مرے دِل سے دُنیا کی چاہت مِٹا کر          کر اُلْفت میں اپنی فنا یااِلٰہی

(وسائلِ بخشش، صفحہ:105)

 صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

محبت جو  حقدار  صِرف  الله پاڪ  آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! هن حديثِ پاڪ مان معلوم ٿيو الله پاڪ جي ۽ ان جي پياري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي محبت تمام ڪمالات جي اَصل آهي، * جنهن کي الله ۽ رسول جي محبت ملي وڃي، ان جي دِل پاڪ ٿي ويندي آهي، * جنهن کي الله ۽ رسول جي محبت ملي وڃي ان جو ايمان مضبوط ٿي ويندو آهي، * جنهن کي الله ۽ رسول جي محبت نصيب ٿي وڃي ان کي عبادت ۾ لذّت نصيب ٿي ويندي آهي، * جنهن کي الله ۽ رسول جي محبت ملي وڃي ان کي آخرت جو فِڪر ملي ويندو آهي ۽ * جنهن کي الله ۽ رسول جي محبت ملي وڃي ان کي تاج ۽ تخت ۽ حڪومت جي لالچ ناهي