Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون     

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلنِّیَّۃُ الْحَسَنَۃُ تَدْخُلُ صَاحِبَہَاالْجَنّۃَ سٺي نيت انسان کي جنت ۾ داخل ڪري ڇڏيندي آهي. )جامع صغیر، صفحہ:81، حدیث:1284)

اي عاشقانِ رسول! هر جائز ڪم کان پهريان سٺيون نيتون ڪرڻ جي عادت بنائڻ گھرجي، ڇوته سٺي نيت انسان کي جنَّت ۾ داخِل ڪرائيندي آهي. بيان ٻڌڻ کان پهريان به سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ کان بچندس * خوب توجھ سان بيان ٻڌندس* بيان ٻڌي اُن تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                                                               صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

صحابي رسول، حضرت اَنس بِن مالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، جانِ جان ۽ جانِ ايمان، رسولِ ذيشان، سلطان عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ثَلَاثٌ مَنْ کُنَّ فِیْہِ ٽي اهڙيون صفتون آهن، جنهن شخص ۾ به هونديون اهو ايمان جي مٺاس ماڻيندو؛ (1): ان کي هر شيء کان وڌيڪ الله پاڪ ۽ ان جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت هجي (2): جنهن سان به محبت ڪري، صِرف الله پاڪ جي رِضا جي لاءِ محبت ڪري (3): مسلمان ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر ڪفر ڏانهن وڃڻ کي ايئن ناپسند ڪري جيئن باھ ۾ وڌو وڃڻ کي ناپسند ڪري ٿو۔ )بخاری، کِتَابُ الاِیمان، باب: حَلاوۃُ الاِیمان، صفحہ:74، حدیث:16(

        پيارا اسلامي ڀائرو! اهي ٽي صفتون آهن: پنهنجي جان مال، آل اولاد وغيره هر شيء کان وڌيڪ الله پاڪ سان، ان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان محبت ڪرڻ، ان کان عِلاوه جنهن سان به محبت هجي، مثال طور ان کي پنهنجي استاد سان محبت آهي، پير صاحب سان محبت آهي، والدين سان محبت آهي، اَولاد سان محبت آهي مطلب ته جنهن سان به محبت هجي، دُنيا جي لاءِ نه