Book Name:Usman-e-Ghani Aur Muhabbat-e-Ilahi

رهندي، * جنهن کي الله ۽ رسول جي محبت ملي وڃي اهو بَس الله پاڪ جي ۽ ان جي پياري حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا جو طلب گار بڻجي ويندو آهي۔

چشمِ تَر اور قلبِ مضطر دے                    اپنی الفت کی مے پلا یارَبّ!

(وسائلِ بخشش، صفحہ:79)

  اي عاشقانِ رسول! حديثِ پاڪ مان اهو به معلوم ٿيو ته اَصل محبت صِرف الله پاڪ جي آهي، ان کان سِواءِ جنهن سان به محبت ڪئي ويندي صِرف الله جي رِضا جي لاءِ ڪئي ويندي۔ امام غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه احياءالعلوم ۾ تحقيق ڪئي آهي ته محبت جو حقدار صِرف ۽ صِرف الله پاڪ آهي۔ بعض نادان جيڪي چوَن ٿا ته عِشقِ مجازي يعني گُنَاهن ڀريو دُنياوي عشق ”عشقِ حقيقي“ تائين پهچڻ جو ذريعو آهي، اهي نادان سخت خطا تي آهن، والِدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: شَرِيعت ۾ غَيرُ الله جي اڳيان ڪنڌ جھڪائڻ منع آهي ته پوءِ غَيرُ الله جي لاءِ دِل جھڪائڻ ڪيئن دُرُست ٿي سگھي ٿو؟ (اَنوارِ جمالِ مصطفےٰ صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ، صفحہ:413 ملتقطًا)

ها! محبتِ مصطفيٰ، غَيرُ الله جي محبت نه آهي بلڪ محبتِ اِلٰهي ئي آهي ڇاڪاڻ ته جنهن کي محبتِ مصطفيٰ نصيب نه هجي، اهو  ڪڏهن به محبتِ اِلٰهي حاصِل نٿو ڪري سگھي۔ قرآنِ ڪريم ۾ آهي:

قُلْ اِنْ كُنْتُمْ تُحِبُّوْنَ اللّٰهَ فَاتَّبِعُوْنِیْ یُحْبِبْكُمُ اللّٰهُ  (پاره3،سورۃآل عمران:31)    

ترجموڪنزالايمان: اي محبوب! تون فرماءِ ته اي انسانو! جيڪڏهن توهان الله کي دوست رکو ٿا ته منهنجا فرمانبردار ٿي وڃو الله توهان کي دوست رکندو.

حديثِ پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ سان محبت ڪيو جو هو توهان کي نعمتون عطا فرمائي ٿو ۽ الله پاڪ جي محبت جي لاءِ مون سان محبت ڪيو ۽ منهنجي