Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

      (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس * ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس * ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس * صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس * بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪاميابي اهڙي منزل آهي جنهن جي خواهش هر اِنسان جي دل ۾ هوندي آهي، دُنياوي مُعاملا هجن يا آخرت جا مُعاملا، مطلب ته! هر هڪ زندگي جي هر موڙ تي ڪامياب ٿيڻ چاهي ٿو ۽ اهو سوچيندو آهي ته ڪاميابي ان جا قدم چمي، ڪڏهن به نا ڪامي ان جو مقدر نه بڻجي۔ ياد رکو! ڪنهن به مَقصد ۾ ڪاميابي جي لاءِ اِستقامت حاصل ڪرڻ ضروري آهي، اڄ جي بيان ۾ اسان اِستقامت ڇا آهي؟ ڪاميابي جي لاءِ اِستقامت ڇو ضروري آهي؟ اِستقامت حاصل ڪرڻ جا فَائدا، قُرآنِ ڪريم ۽ حديث سڳورين ۾ اِستقامت حاصل ڪرڻ جا طريقا، الله وارن جي اِستقامت جا واقعا ۽ اِستقامت جي راھ ۾ حائل ٿيڻ وارين رڪاوٽن بابت ٻڌنداسين، الله پاڪ اسان کي سڄو بيان سٺين سٺين نيتن ۽ مڪمل توجھ سان ٻڌڻ نصيب فرمائي۔

آمِينْ بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ