Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

کي نُقصان پهچايو، پوءِ توهان فَنا ٿيڻ واري (دنيا) تي باقي رهڻ واري (آخرت) کي ترجيح ڏيو۔ (مسند امام احمد، مسند الڪوفيين، حديث ابي موسي الاشعري، ۷/۱۶۵، الحديث: ۱۹۷۱۷)

بيان ڪيل حديثِ پاڪ جي حوالي سان حڪيمُ الامت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: هن ف  ههههنن

رمان مبارڪ مان معلوم ٿيو ته دُنيا ۽ آخرت ٻنهي جي مَحَبَّت هڪ دل ۾ گڏ نٿي ٿي سگھي، دنيا آخرت جو ضِد آهي۔ امام غزالي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: علم عقل ۽ ايمان جو سڀ کان گھٽ درجو اهو آهي ته انسان سمجھي وٺي ته دنيا فاني آهي ۽ آخرت باقي رهڻ واري، ان جو نتيجو هي آهي ته دُنيا ۾ رهي آخرت جي تياري ڪري، دنيا ۾ مشغول نه ٿي وڃي۔ (مرآۃ المناجيح،۷/۱۸)

دل مرا دُنیا پہ شَیْدَا ہوگیا                                              اے مِرے اللہ یہ کیا ہوگیا

کچھ مرے بچنے کی صُورت کیجئے                                                   اب تو جو ہونا تھا مولیٰ ہوگیا

(ذوق نعت،ص۳۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مدني ماحول کان وابسته ٿي وڃو

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دُنيا جي محبت کان پيڇو ڇڏائڻ، فڪرِ آخرت جو ذهن بنائڻ ۽ نيڪين تي استقامت جي لاءِ سٺي ماحول جو هئڻ نهايت ضروري آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوتِ اسلامي جو مدني ماحول ٻين ڪيئي گناهن سميت دنيا جي محبت دل مان ڪڍڻ ۽ نيڪين تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن ڏيندو آهي، اوهان به هن مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو، دعوت اسلامي جي هفتيوار سنّتن ڀري اجتماع ۾ شرڪت جي عادت بڻايو، راھ خُدا ۾ عاشقان رسول سان گڏ سفر جي عادت بڻايو ۽ غورو فڪر ڪرڻ جي طريقن تي عمل ڪري پنهنجي دنيا و آخرت کي سنواريو۔