Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

اُن کی سُنَّت کا جو آئنہ دار ہے                                      بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۴۷۲)

  قناعت بابت ڪجھ مدني گل ۽ قناعت اپنائڻ جا طريقا

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! قناعت جي باري ۾ ڪجھ نڪتا ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: (1) فرمايائون: قناعت ڪڏهن نه خَتم ٿيڻ وارو خزانو آهي۔ (الزھد للبيھقي،الجزء الاول من ڪتاب…الخ،ص۸۸،حديث:۱۰۴) (2) ارشاد فرمايائون: بيشڪ ڪامياب ٿي ويو اهو شخص جيڪو اِسلام کڻِي آيو ۽ ان کي بَقَدرِ ڪفايت رِزق ڏنو ويو ۽ الله پاڪ ان کي جيڪو ڪجھ ڏنو ان تي قناعت به عطا فرمائي۔ (مسلم، ڪتاب الزڪاة، باب في الڪفاف والقناعة، ص۴۰۶، حديث:۲۴۲۶) * انسان کي جيڪو ڪجھ الله پاڪ جي طرفان ملي وڃي ان تي راضي ٿي زندگي گذاريندي حرص ۽ لالچ کي ڇڏي ڏيڻ کي قناعت چوندا آهن۔ (جنتي زيور،ص۱۳۶بتغير قليل) * روزمرّه اِستِعمال ٿيڻ وارين شين جي نه هئڻ تي به راضي رهڻ قناعت آهي۔ (التعريفات للجرجاني،باب القاف،تحت اللفظ: القناعة،ص۱۲۶) * لالچ نهايت ئي بُري خَصْلَت ۽ نِهايت خراب عادت آهي، الله پاڪ جي طرفان ٻانهي کي جيڪو رِزق ۽ نعمت ۽ مال ۽ دَولت يا جاه (يعني عزّت) ۽ مَرتَبو مليو آهي، ان تي راضي ٿي قناعت ڪرڻ گھرجي۔ (جنتي زيور،۱۱۰ملخصا) * بلعم بن باعوراء جيڪو تمام وڏو عالم ۽ مستجاب الدعوات هو، حرص ۽ لالچ ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو۔ (ملفوظاتِ اعليٰ حضرت، ص۳۶۷ ماخوذا) * الله پاڪ فرمائي ٿو: اهو شخص منهنجي ويجھو سڀ کان وڌيڪ مالدار آهي جيڪو منهنجي ڏنل شيء تي سڀ کان وڌيڪ قناعت ڪرڻ وارو آهي۔ (ابنِ عساڪر ،رقم ۷۷۴۰، موسيٰ بن عمران ،۶۱/ ۱۳۹ ملخصا)


 

 



[1]مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵