Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

مجلسِ ”ازديادِ حبّ“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! دعوتِ اسلامي جي مدني تحريڪ مسلمانن کي برائين کان بچائڻ، نيڪ بنائڻ، وڇڙيلن کي پاڻ ۾ ملائڻ، رٺلن کي پرچائڻ ۽ انهن کي مُتَّحِد رکڻ جي لاءِ هر وَقت ڪوشش ڪري رهي آهي۔ جنهن جي هڪ واضِح جھلڪ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ به آهي۔ ”مَدَني انعام نمبر55“ کي باقاعده تنظيمي طور تي عَمَلي جامو پارائيندي آهي پراڻا اسلامي ڀائر جيڪي اڳ ۾ ايندا هئا پر هاڻي نٿا اچن انهن کي مَدَني ماحول ۾ فَعال ڪري ”مسجد ڀريو تحريڪ“ ۾ شامل ڪرڻ، انهن کان پهريان ئي وَقت وٺي اِنفِرادي طور تي دُڪان، گھر يا دفتر وڃي ملاقات ڪرڻ، انهن کي سُنّتن ڀري اِجتماعن ۽ مَدَني مذاڪرن ۾ اچڻ جو ذهن ڏيڻ، اِجتماعي اِعتڪاف ۽ مَدَني ڪورسن (اِصلاحِ اَعمال ڪورس، فيضانِ نماز ڪورس وغيره) ڪرڻ جي ترغيب ڏيارڻ، مَدَني قافِلن ۾ سفر ڪرائڻ، انهن جي گھرن ۾ مَدَني حلقي جي ترڪيب ڪرڻ، انهن کي مدرسةُ المدينه براءِ بالغان ۾ شرڪت ڪرائڻ، انهن جي خوشي، غمي، بيماري ۽ فوتگي وغيره جي معامَلن ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ مشڪلات ۾ مڪتوبات ۽ تعويذاتِ عطّاريه جي ترڪيب ڪرڻ وغيره هن مجلس جي مقصدن ۾ شامل آهي۔ الله ڪريم”مجلس اِزدِيادِ حُبّ“ کي مزيد ترقيون عطا فرمائي۔       اٰمِــيْن بِـجَـاهِ الـنَّـبِـیِّ الْاَمِــيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں                               اے دعوتِ اِسلامی تِری دُھوم مچی ہو

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ