Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

تي لٽڪايو ويو، پر پوءِ به انهن جي استقامت ۾ ڪو فرق نه آيو، اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ واقعو ٻڌون ٿا: جيئن

حضرتِ سُمَيّه جي استقامت

      مڪتبةُ المدينه جي رسالي ”صحابیات اوردِین کی خاطرقربانیاں “ جي صفحي 2 تي آهي: رسولِ اَڪرم، شاه ِبني آدم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جڏهن حضرتِ سُـمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْها کي پنهنجي پٽ حضرتِ عمّاررَضِىَ اللهُ عَنْه ۽ مڙس حضرتِ ياسِر رَضِىَ اللهُ عَنْه سميت مڪي پاڪ جي تتل واريءَ تي ايذاء ڏيندي ڏسندا ها ته فرمائيندا ها: صَبْرًا يا آلَ ياسِرِ يعني اي آلِ ياسِر! صَبر ڪريو! مَوْعِدُڪمُ الْجَنَّة توهان جي لاءِ جنّت جو واعدو آهي۔ مڪي وارن خاص ڪري اسلام جي دشمن ابوجهل ڪهڙو سِتَم هو جيڪو انهن تي نه ڪيو، ان کي بس هن ڳالھ کان سمجھي وٺو جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها کي لوهي جي زِره پارائي سَخت اُس ۾ بيهاريو ويندو هو۔ (الاصابه،رقم۱۱۳۴۲، سميه بنت خباط،۸ / ۲۰۹۔ اسد الغابه،رقم۷۰۱۴،سميه ام عمار،۷/۱۶۷، ماخوذا)

اِستقامت دِین پر مجھ کو عطا فرمائیے

یَارَسولَ اللہ برائے آلِ یاسِر یانبی!

(وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۳۷۸)

       پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو تَصَوُّر ڪريو! عَرب ۾ سج جي تمام گهڻي تَپِش ۽ وري لوھ جي لِباس ۾ حضرتِ سُمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جو ڪهڙو حال هوندو، پر قُربان وڃجي! اسلام جي هن پهرين شهيده جي عَظَمَت ۽ اِستِقَامَت تي! سندن جي دل ۾ الله ۽ ان جي رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مَحَبَّت ان طرح گھر ڪري چڪي هئي جو ايتري سَخت تڪليفن جي باوُجود پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا اسلام جو دامَن نه ڇڏيو، بلڪ ڄمي انهن مُشڪل حالتن جو مُقَابَلو ڪيو، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ان صَبر ۽ اِستِقَامَت ۾ اسان لاءِ درس آهي۔

   پر افسوس! اڄوڪي دور ۾ اسان ننڍين ننڍين تڪليفن ۽ پريشانين جي