Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

ڪري دلبرداشته ٿي نيڪ عملن ۾ ثابت قدم نه رهندا آهيون، ڪڏهن فرضن ۽ واجبن ۾ سستي ڪندا آهيون ته ڪڏهن ڪنهن جي ڳالھ ٻڌي نيڪي جي دعوت ڏيڻ جهڙي عظيم نيڪي کي ڇڏي ڏيندا آهيون، ڪڏهن رشتيدارن ۽ دوستن جي ڳالھين جي ڪري تلاوتِ قرآن جي عادت ڇڏي ڏيندا آهيون ته ڪڏهن گھر وارن جي ڳالهين سان دل ننڍو ڪري سنتن کان پري ٿي ويندا آهيون، مطلب ته في زمانه! دوستن، گھروارن ۽ ٻين رشتيدارن جي ڳالهين جي ڪري اسان جي همت ٽٽي ويندي آهي، اسان نيڪ عملن ۽ سنتن کي ڇڏيندي نظر ايندا آهيون۔ اي ڪاش جو اسان کي نيڪ عملن تي استقامت حاصل ٿي وڃي۔ اچو! گڏجي دعا ڪريون ٿا:

عبادت میں گزرے مِری  زندگانی                       کرم ہو کرم یا خُدا یا الٰہی!

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۱۰۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان حضرت سُمَيه رَضِىَ اللهُ عَنْهَا جي ايمان تي استقامت جو واقعو ٻڌو جنهن سان اسان جو به نيڪ عملن تي استقامت، راھ خدا ۾ ايندڙ آزمائشن، مصيبتن ۽ تڪليفن جي باجود صبر و استقامت تي قائم رهڻ ۽ ايمان تي ثابت قدم رهڻ جو ذهن بڻيو هوندو پر اسان ڪجھ ڏينهن نيڪ عمل ڪري وري پري ٿي ويندا آهيون، اسان کي انهن عملن تي استقامت حاصل ناهي ٿيندي، آخر اهي ڪهڙيون شيون آهن جيڪي هن راھ ۾ رڪاوٽون آهن، اچو! انهن شين جي باري ۾ ٻڌون ٿا۔

استقامت جي راھه ۾ رڪاوٽون

      ياد رکو! ائين ته ايمان ۽ عمل تي ثابت قدمي(استقامت) سان رڪاوٽ بڻجڻ واريون ڪيئي شيون آهن۔ مثال طور (1) علمِ دين جو نه هئڻ۔ (2) مسجد ۾ حاضر ٿيڻ کان ڪترائڻ۔ (3) زبان جي حفاظت نه ڪرڻ۔ (4) گناهن جي