Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

کي جاڳائيندي مسجد تشريف فرما ٿيندا هئا۔ (طبقات ڪبريٰ، ذڪر استخلاف عمر، ۳/۲۶۳ مفهوماً)

اچو! ترغيب لاءِ صداءِ مدينه لڳائڻ بابت هڪ مَدَني بهار ٻڌو ۽ خوش ٿيو،

صَداءِ مدينه جي بَرَڪت سان فَيضانِ مدينه لاءِ زمين ملي

هڪ اسلامي ڀاءُ عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دَعوَتِ اِسلَامي جي مَدَني قافِلي سان گڏ هڪ شهر ۾ ويا، اَذانِ فَجر بعد اهي صداءِ مدينه لڳائيندا وڃي رهيا هئا ته اوچتو هڪ گھر مان هڪ ماڊرن نوجوان به انهن سان گڏ هليو ۽ ان فَجر جي نَماز مَسجِد ۾ باجَمَاعَت ادا ڪئي۔ بعد ۾ ان نوجوان جو والِد مَدَني قافِلي وارن عاشِقانِ رسول سان ملڻ آيو۔ جيڪو هڪ مالدار شخص هو۔ اُن اچي ٻڌايو ته صداءِ مدينه جي بَرَڪت سان ان جو نافرمان ماڊرن (Modern) بي نَمازي پٽ پَنج وَقت نَماز پڙھڻ لڳو آهي۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه ان ماڊرن نوجوان جي والِد ان شهر ۾ مَدَني مَرڪز فَيضانِ مدينه لاءِ زمين به ڏني۔

لگا فَجْر میں بھائی گھر گھر پہ جاکر                                            ذرا دل لگا کر ’’صدائے مدینہ‘‘

(وسائلِ  بخشش مُرمَّم،ص۳۶۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان استقامت جي حوالي سان بيان ٻڌي رهيا هئاسين، جهڙي طرح اسان جا بزرگ سڳورا راھِ خدا ۾ پيش ايندڙ مصيبتن ۽ تڪليفن جي باوجود صبر ۽ استقامت جا پيڪر بڻيل رهيا، اهڙي طرح صحابيات ۽ خواتينِ اسلام به هن راھ ۾ ڪيئي اذيتن کي برداشت ڪيو، پنهنجو گھر لُٽائي ڇڏيو، رت جي رشتن کي خوشي خوشي موت جي حوالي ڪري ڇڏيو، پنهنجي اباڻي سرزمين کي ڇڏي پري وڃي ڪٿي رهڻو پيو ته رهيا پر تڏهن به انهن جا حَوصَلا ڪڏهن پَست نه ٿيا، انهن کي تتل وارِيءَ تي ليٽايو ويو، ٽهڪندڙ ڪوئلن تي وڇايو ويو، لوهي لِباس پارائي سج جي گرمي ذريعي تڙپايو ويو، انهن جي ٻارن ۽ گھروارن کي نظرن جي سامهون سولي