Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

ذريعي پنهنجي جانن تي ظلم ڪرڻ۔ (5) بد مذهبن ۽ فاسق و فاجر ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ۔ (6) نفساني خواهشن جي لذت حاصل ڪرڻ جي حرص پيدا ٿيڻ۔ (7) مصيبتن ۽ تڪليفن ۽ آزمائشن تي صبر نه ڪرڻ۔ (8) الله پاڪ جي رحمت کان مايوس ٿيڻ۔ (9) ڊگھيون اميدون رکڻ۔ (10) ۽ استقامت جي راھ ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ دنياوي محبّت آهي۔ (تفسير صراط الجنان ،پ۱۲،هود،تحت الآية:۱۱۲،۴/۵۰۶ بتغير)

  ڇوته دنيا جي محبت ۾ گرفتار ٿي انسان آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي، دنيا جي محبت ۾ انسان گناهن جي دلدل ۾ ڪرندو ويندو آهي، دنيا جي محبت ۾ مبتلا ٿي انسان حلال ۽ حرام ۾ تميز ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي، دنيا جي مَحَبَّت ۽ ان جي فريب ۾ اچي انسان پنهنجي ربِّ ڪريم جي نافرماني ڪندو آهي، دنيا جي محبت تمام گناهن جو بنياد آهي، جيڪو شخص دنيا جي محبّت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي اهو پنهنجي آخرت کي وساري ڇڏيندو آهي، اچو! پنهنجي دل ۾ دنيا کان بي رغبتي وڌائڻ، نيڪ عملن تي استقامت جو جذبو وڌائڻ ۽ پنهنجي دل ۾ فڪرِ آخرت جو جذبو اُجاگر ڪرڻ جي لاءِ ٻه(2) فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ نَصيحت ۽ عبرت حاصل ڪريو، جيئن

دنيا کان بي رغبتي جون فضيلتون

  ارشاد فرمايائون: جيڪو شخص هميشه دنيا جي فڪر ۾ مبتلا رهندو (۽ دِين جي پروا نه ڪندو) ته الله پاڪ ان جا سمورا ڪم پريشان ڪندو ۽ ان جي مُفلسي هميشه ان جي اڳيان رهندي ۽ ان کي دُنيا ايتري ئي ملندي جيتري ان جي تقدير ۾ لکيل آهي ۽ جنهن جي نِيت آخرت ڏانهن هوندي ته الله ڪريم ان جي دل جمعي لاءِ ان جا سمورا ڪم دُرُست ڪندو ۽ ان جي دل ۾ دنيا جي بي پرواهي وجھندو ۽ دنيا ان وٽ خودبخود ايندي۔ (ابن ماجه، ڪتاب الزهد، باب الهم بالدنيا، ۴/۴۲۴، الحديث: ۴۱۰۵)

ارشاد فرمايائون: جنهن پنهنجي دنيا کان مَحَبَّت ڪئي، ان پنهنجي آخرت کي نُقصان پهچايو ۽ جنهن پنهنجي آخرت سان مَحَبَّت ڪئي ان پنهنجي دُنيا