Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

(4) بزرگن جي سيرت تي عمل ڪريون

     نيڪ عملن تي استقامت حاصل ڪرڻ جي طريقن مان هڪ طريقو اهو به آهي ته بزرگن جي دِين ۽ نيڪ ڪمن تي استقامت جي واقعن جو مطالعو ڪيو وڃي. اسان ڏسون ٿا ته صحابه ڪرام ۽ بزرگانِ دين طرح طرح جون تڪليفون ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻ جي باوجود به ايمان تي ثابت قدم رهيا، انهن مقدّس هستين کي اسلام قبول ڪرڻ جي ڪري طرح طرح جون اذيتون پهچايون ويون، ڪڏهن جسم تي ڪوڙا هنيا ويا ته ڪڏهن ڪيئي ڪيئي ڏينهن تائين بکايل رکيو ويندو هو، ڪڏهن ته تپندڙ واريءَ تي ليٽائي جسم تي وزني پٿر رکيا ويندا هئا ته ڪڏهن پيرن ۾ زنجيرون وڌيون وينديون هيون، ڪڏهن ڳچيءَ ۾ رسي وجھي ڇڪيو ويندو هو ته ڪڏهن پيرن کان ٿُڏا هنيا ويندا هئا، ڪڏهن سوليءَ تي چاڙهيو ويندو هو ته ڪڏهن ٽهڪندڙ تيل ۾ وڌو ويندو هو، پر پوءِ به اهي الله وارا ايمان ۽ محبّتِ رسول ۾ ثابت قدم رهيا۔  

ایماں پہ ربِّ رَحْمت دیدے تُو استِقامت                  دیتا ہوں واسِطہ میں تجھ کو تِرے نبی کا

(وسائلِ بخشش مُرَمَّم،ص۱۷۸)

سفيد زخمن جا نشان

      اچو! استقامتِ دين جي درد ڀري داستان ٻڌون ٿا: جيئن منقول آهي ته هڪ ڀيري اَمِيرُالمُؤمِنِين حضرت عمررَضِىَ اللهُ عَنْه جي نظر حضرتِ خَباب رَضِىَ اللهُ عَنْه جي پٺي تي پئي، پاڻ ڏٺائون ته سڄي پٺيءَ تي سفيد سفيد زخمن جا نشان آهن۔ ته حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه پڇيو: اي خباب! اهي توهان جي پٺي تي زخمن جا نشان ڇا جا آهن؟ ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جواب ڏنائون: اي اَمِيرُالمَومِنِين اوهان کي انهن زخمن جي ڪهڙي خبر؟ هي ان وقت جو داستان آهي جڏهن اوهان اگھاڙي تلوار کڻي حضور رحمة للعالمينصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي شهيد ڪرڻ  لاءِ ڊڪندا وتندا هئا۔ ان وقت اسان محبّتِ رسول جو ڏيئو پنهنجي دل ۾ ٻاريو هو ۽ مسلمان