Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

علاوه روزانو سڄو قرآن پاڪ ختم ڪندا ها ۽ هميشہ روزيدار رهندا ها.

12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صَداءِ مدينه“

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هي هئا الله وارن جي نيڪ ڪمن تي استقامت جا معمولات. اي ڪاش جو اسان کي به انهن جي صدقي اسقامت ملي وڃي. الله وارن جي سيرت تي هلڻ، گُناهن کان بچڻ، نيڪين تي اِستقامت جي دولت ماڻڻ جي لاءِ عاشِقانِ رَسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته رهي ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصَّو وٺو۔ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”صداءِ مدينه“ لڳائڻ به آهي۔ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول ۾ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ کي ”صَداءِ مدينه“ لڳائڻ چيو ويندو آهي۔ هن مدني ڪم جو رِسالو ”صداءِ مدينه“ جي نالي سان ڇپجي چڪو آهي۔ ان ۾ ڏنل طريقيڪار مطابق هن مدني ڪم کي فروغ ڏيو۔

* اَلْحَمْدُ لِلّٰه ”صَداءِ مدينه“ جي برڪت سان نمازِ تهجد جي سعادت ملي سگھي ٿي۔ * "صداءِ مدينه" جي برڪت سان نماز جي حفاظت ٿيندي آهي۔ * "صداءِ مدينه" جي برڪت سان مسجد جي پهرين صف ۾ تڪبيرِاُوليٰ سان فجر نماز جي ادائيگي ٿي سگھي ٿي۔ * "صداءِ مدينه" جي برڪت سان "نيڪي جي دعوت" ڏيڻ جو ثواب به حاصل ڪري سگھجي ٿو۔ * "صداءِ مدينه" جي برڪت سان دعوتِ اسلامي جي نيڪ نامي ۽ تشهير ٿيندي۔ * "صداءِ مدينه" لڳائڻ وارو باربار مُسلمانن کي حج ۽ مٺو مدينو ڏسڻ جي دُعا ڏيندو آهي، الله پاڪ چاهيو ته اهي دُعائون، ان جي حق ۾ به قبول ٿينديون۔ * "صداءِ مدينه" ۾ پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي۔ * "صداءِ مدينه" لڳائڻ مسلمانن کي نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ سُنّتِ مصطفيٰ آهي، مسلمانن کي نمازِ فجر لاءِ جاڳائڻ سنت حيدري ۽ سنت فاروقي آهي! جيئن

اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه نمازِ فجر  لاءِ ماڻهن