Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

اچو! استقامت جي تعريف ٻڌون ٿا ته استقامت ڇاکي ٿو چئجي:

استقامت جي تعريف

   علامه شريف جُرجانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: گناهن کان بچندي نيڪ عملن جي پابندي ڪرڻ کي استقامت چيو ويندو آهي۔ (التعريفات للجرجاني،باب الالف،تحت اللفظ :الاستقامة، ص۲۰)

استقامت ڪرامت کان وڌيڪ آهي

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! يقيناً استقامت جي تعريف ۽ ان جي اهميت کي ٻڌي اسان جي دل ۾ به استقامت حاصل ڪرڻ جي تمنا پيدا ٿي هوندي، ڇوته استقامت هڪ اهڙو درجو آهي جنهن جي ذريعي مقصد ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي، جنهن ڪم ۾ استقامت ناهي هوندي اهو ڪم ڪڏهن به مڪمل ناهي ٿيندو، استقامت نيڪين کي حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي، جيڪو شخص پنهنجي ڪم ۾ استقامت اختيار ناهي ڪندو ان جي ڪوشش ضايع ٿي ويندي آهي ۽ ان جي محنت جو ان کي اهو ڦل ناهي ملندو جنهن جي ان کي تمنا ۽ خواهش هوندي آهي۔ جيڪو شخص استقامت کان محروم هوندو آهي اهو ڪڏهن به پنهنجي موجوده مقام کان اڳتي وڌي ناهي سگهندو۔ مشهور چوڻي آهي: اَلْاِسْتِقَامَة فَوْقَ الڪرَامَة يعني استقامت ڪرامت کان وڌيڪ آهي۔

      حضرت اَبُوعلي جَوزجَانيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: اِستقامت اختيار ڪريو، ڪرامت جا طلب گار نه بڻجو، ڇوته توهان جو نفس ڪرامت جي طلب ۾ آهي جڏهن ته توهان جو ربّ توهان کان استقامت جو مطالبو ڪري ٿو۔ (رسالهٔ قشيريه، باب الاستقامة، ص۲۴۰)

استقامت حاصل ڪرڻ جا طريقا

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڪيئي اسلامي ڀائر اها شڪايت ڪندي نظر ايندا آهن ته اسان عمل ته شروع ڪندا آهيون پر ان ۾ استقامت حاصل ناهي ٿيندي، مثال طور ڪو شخص نمازن جي پابندي تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سستي ٿي ويندي آهي۔ ڪو شخص تلاوتِ قرآن تي استقامت حاصل ڪرڻ چاهي ٿو پر ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پابندي نصيب ناهي