Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

ها ته به انهن کي راھ خدا ۾ قربان ڪيان ها“ جنهن کي ٻڌي بادشاھ به حيران ۽ پريشان ٿي ويو۔

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان ٻڌو ته انهن الله وارن کي دين ۽ ايمان تي ڪيتري استقامت حاصل هئي، تنهنڪري اسان کي به انهن ڪمن ۾ استقامت حاصل ڪرڻ گھرجي، جن ۾ الله پاڪ ۽ رسولِ ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رِضا هجي، * انهن ڪمن ۾ استقامت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جنهن ۾ دنيا ۽ آخرت جي ڀلائي هجي، * استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي، جن ۾ دينِ اسلام جي سر بلندي هجي، * استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جو جنهن ۾ دُنيا ۾ اچڻ جو مقصد حاصل ٿي سگھي، * اسان کي استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ گھرجي، جن ۾ مُلڪ و مِلَّت جو فائدو هجي، * استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيڪي سنّتن جي ڦهلائڻ جا سبب بڻجن۔ * استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيڪي نيڪين ڏانهن کڻي وڃڻ وارا هجن، * استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي جيڪي مسلمانن کي گناهن کان بچائڻ جو سبب بڻجن، * استقامت انهن ڪمن ۾ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش  ڪرڻ گھرجي جيڪي اسان جي ايمان کي مضبوط ڪن، ڇوته

   اها ئي استقامت حقيقت ۾ ڪاميابي جو راز آهي، اها ئي استقامت خوف ۽ غم ٻنهي کان رهائي جو وسيلو آهي، اها ئي استقامت جنت ۾ وٺي وڃڻ جو سبب آهي، اها ئي استقامت ايمان جو بنياد آهي، اها ئي استقامت اهڙي دولت آهي جنهن جي برڪت سان دنيا ۾ عزت ۽ شرف ۽ آخرت ۾ ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي، اها ئي اِستقامت جنت ۾ داخلي جو وسيلو بڻجندي آهي۔

الله ڪريم سيپاري 24 سوره حم اَلسَّجدَه جي آيت نمبر 30 ۾ ارشاد فرمائي ٿو: