Book Name:Isteqamat Kamyabi ka Raaz Hai

آڻيو“۔ شايد باھ کي ڏسي هاڻي ان جا خيالات بدلجي وڃن ۽ منهنجي ڳالھ مڃي وٺي، پر بادشاھ جي اها تمنا ۽ سوچ بي فائده نڪتي۔ ڇوته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: مان باھ جي ڊپ کان ناهيان روئي رهيو، بلڪ مان ته ان ڪري روئي رهيو آهيان جو هاءِ! اڄ هڪ ئي جان آهي، جنهن کي راھ خُدا ۾ قُربان ڪري رهيو آهيان، ڪاش جو منهنجي جسم جي هر هر حصي ۾ هڪ هڪ جان هجي ها ۽ اهي سڀئي جانيون مان راھِ خُدا ۾ هڪ هڪ ڪري قربان ڪيان ها۔ (تفسير ابن ڪثير، پ۱۴، النحل،تحت الاية:۱۰۶، ۴/۵۲۱)

تِرے نام پر سر کو قربان کر کے                          تِرے سر سے صدقہ اتارا کروں میں

یہ اِک جان کیا ہے اگر ہوں کروروں                       ترے نام پر سب کو وارا کروں میں

(سامانِ بخشش،ص۱۵۲)

   اي عاشقانِ صحابه! اوهان ٻڌو ته حضرت عبدُالله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه ايمان تي اِستقامت جو ڪيترو زبردست مظاهرو ڪيو، ٿورو سوچيو! جڏهن جسم تي تير وسايا پئي ويا، هٿن پيرن ۽ جسم کي زخمن سان ڦٽيو پئي ويو، نگاهن جي اڳيان باھ تي ٽهڪندڙ تيل ۾ ڪنهن کي وڌو پئي ويو ته دنيا جو وڏي کان وڏو طاقتور انسان به شايد ثابت قدم نه رهي سگھي، پر قُربان وڃجي! حضرت عبدُالله بن حُذَافَه رَضِىَ اللهُ عَنْه جي اِستقامت تي جو جنهن ۾ ذري برابر به ڪا ڪمي نه آئي، نه انهن غير مسلمن جون ڌمڪيون کيس کي ڊيڄاري سگھيون، نه ئي قيد و بند جون تڪليفون ايمان کان ڦيرائي سگھيون۔ حق ۽ صَدَاقت جو پيڪر مصيبتن جي ڪارن ڪارن ڪڪرن کان بالڪل نه گھٻرايو، خُدا ۽ مصطَفٰي سان سچي محبت ڪرڻ واري سچي عاشق دنيا جي آفتن جي بلڪل به پرواھ نه ڪئي.  بلڪ هن راھ ۾ پهچڻ واري هر مصيبت جو خوش دلي سان خير مقدم ڪيو، دنيا جي مال ۽ حُسن و جمال جي لالچ به سندن جي استقامت ۾ ڪا ڪمي نه آڻي سگھي جو پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام جي خاطر دنياوي راحتن کي ٺوڪر هنئي ۽ بادشاھ کي عشق و محبّت سان ڀرپور اهڙو خوبصورت جواب ڏنائون جو ”هيءَ ته هڪ جان آهي جيڪڏهن منهنجي جسم جي هر هر حصي ۾ هڪ هڪ جان هجي