Share this link via
Personality Websites!
ڳالھ ايستائين پهتي جو فقيرن کي پنهنجي عرض ڪرڻ جو موقعو گھٽ ملڻ لڳو ته عرض ڪرڻ وارن کي عرض ڪرڻ کان پهرين صَدَقو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ ان حڪم تي حضرت علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جن عمل ڪيو، هڪ (1) دينار صَدَقو ڪري ڪجھ مسائل دريافت ڪيا، عرض ڪيو يارسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وفا ڇا آهي؟ فرمايو توحيد ۽ توحيد جي شهادت ڏيڻ. عرض ڪيو ، فَساد ڇا آهي؟ فرمايو ڪفر ۽ شرڪ. عرض ڪيو حق ڇا آهي؟ فرمايو اسلام و قرآن ۽ ولايت جڏهن توکي ملي. عرض ڪيو مون تي ڇا لازم آهي؟ فرمايو الله تعالٰي ۽ ان جي رسول جي اطاعت. عرض ڪيو الله تعالٰي کان ڪيئن دُعا گھران؟ فرمايو: صدق ۽ يقين سان. عرض ڪيو ڇا گھران؟ عاقبت (يعني آخرت). عرض ڪيو پنهنجي نجات جي لاءِ ڇا ڪريان؟ فرمايو حَلال کاءُ ۽ سچ ڳالهاءِ. عرض ڪيو سُرور ڇا آهي؟ فرمايو: جنت. عرض ڪيو راحت ڇا آهي؟ فرمايو الله عَزَّوَجَلَّ جو ديدار. جڏهن حضرت علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم ان سوالن کان فارغ ٿيا ته هي حڪم منسوخ ٿي ويو ۽ رخصت نازل ٿي، سواءِ حضرت علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰي وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي ٻي ڪنهن کي ان (آيت) تي عمل ڪرڻ جو وقت نه مليو. (تفسير خزائن العرفان)
اها آيتِ مبارڪه هي آهي:
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اِذَا نَاجَیْتُمُ الرَّسُوْلَ فَقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیْ نَجْوٰىكُمْ صَدَقَةًؕ- (پ۲۸،المجادلة:۱۲)
ترجمو ڪنزالايمان: اي ايمان وارؤ! جڏهن توهان رسول سان ڳالھ آهستي عرض رکڻ چاهيو ته پنهنجي عرض کان اڳ ۾ ڪجھ صدقو ڏيئي ڇڏيو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami