Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

مهينو رجب جنهن جي تعظيم ڪئي وئي هجي۔) به چوندا آهن۔

علامه عبدالڪريم بن محمد رافعيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته رجب کي رجب چوڻ جو سبب اهو آهي جو عرب هن مهيني جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا هئا ۽ هن ۾ جھيڙو جھٽو ڪرڻ حرام سمجھندا هئا۔ (التدوین فی اخبار القزوین ،1/165)

رجب جو هڪ نالو شهر اَصَم به آهي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فتاوي رضويه ۾ هن نالي جو سبب ڪجھ هيئن ارشاد فرمائن ٿا: هر مهينو پنهنجي هر واقعي جي شاهدي ڏيندو سواءِ رجب جي جيڪو حَسَنات (چڱايون) بيان ڪندو ۽ سيئات (برائين) جي ذڪر تي چوندو ته مان ٻوڙو هئس مون کي خبر ناهي، ان ڪري ان کي ”شهر اَصَم“ چوندا آهن۔ (فتاوی رضویہ،27/496)

زبان جي حفاظت ڪريو:

          عارِف بِالله شيخ ضياءُ الدين عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بعض عالمن کان نقل فرمائن ٿا: جڏهن دورِ جاهليت ۾ ماڻهو (رَجَب جي مهيني ۾) نيزا لڪائي ڇڏيندا هئا ۽ جنگ کان رُڪجي ويندا هئا ته هاڻي مسلمان هن مهيني ۾ پنهنجي زبانن جي حفاظت ڇو نٿا ڪن ۽ بي حرمتي کان ڇو نٿا رڪجن۔ بيشڪ ڪجهه موقعن تي زبان اگھاڙي تلوار ۽ تيز نوڪ دار نيزي کان وڌيڪ نقصان ده هوندي آهي۔ (طھارۃ القلوب ، الفصل الثانی عشر فی التقوی، ص125)

بچیں بے کار باتوں سے پڑھیں اے کاش کثرت سے       ترے محبوب پر ہر دَم دُرُودِ  پاک ہم مولیٰ

ہماری فالتو باتوں کی عادت دُور ہو جائے                 لگائیں مُستقل قفلِ مدینہ لب پہ ہم مولیٰ

رجب جي مهيني ۾ رحمت جو  فيضان

          حضرت سيدُنا امام محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ حضرت سيدُناشيخ شِهابُ الدين احمد بن حجازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رجَبُ المرجّب جي باري ۾ فرمائن ٿا: ان کي اَلاَصَبّ(يعني تيز وهڪرو) به چوندا آهن انڪري جو هن مبارڪ مهيني ۾ توبه ڪرڻ وارن تي رحمت جو وهڪرو تيز ٿي ويندو آهي ۽ عبادت ڪرڻ وارن تي قبوليّت جي اَنوار جو فيضان جاري ٿيندو آهي۔ (مکاشفۃ القلوب،الباب المتمم للمائۃ فی فضائل رجب،ص301۔تحفۃ الاخوان ،ص12)

          رجب ۽ اَصَبّ جي علاوه به هن مبارڪ مهيني جا ڪيئي نالا آهن۔ لطائفُ