Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

الصیام۔۔۔الخ،3/367 ،حدیث:3800۔التدوین فی اخبار القزوین، 1/165)

(2) مشهور تابعي بُزرگ حضرت سيدُنا ابو قِلابه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَجَب جي روزي دارن جي لاءِ جنت ۾ هڪ محل آهي۔ (شعب الایمان،باب فی الصیام ۔۔۔الخ،3/368،حدیث:3802)

(3) عارِف بِالله شيخ  ضياءُ الدين عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مروي آهي ته جنهن رجب جا ست روزا رکيا ان جي لاءِ جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن ۽ جنهن ڏھ روزا رکيا اهو الله پاڪ کان جيڪو گھرندو آهي الله پاڪ ان کي عطا فرمائيندو آهي ۽ بيشڪ جنت ۾ هڪ محل آهي جنهن جي سامهون دنيا هڪ پکيءَ جي آکيري جيان آهي ان محل ۾ صرف رجب جا روزا رکڻ وارا ئي داخل ٿيندا۔ (طھارۃ القلوب ، الفصل الثانی عشر، ص 125)

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته رجب ۾ روزا رکڻ جو گھڻو اجر آهي۔ اسان کي گھرجي ته اسان به روزا رکي هن مهيني جون برڪتون ماڻيون، هن مهيني جي ايندي ئي وڌ کان وڌ روزا رکون،  زهي نصيب جو گھر ۾ اهڙو ماحول بڻجي وڃي جو سڀئي ڀاتي سحري ۾ اٿي رهيا هجن ۽ نمازِ تهجد پڙھي سحري ڪري رهيا هجن ۽ رجب جي نفلي روزن جون هر پاسي بهارون هجن۔  

  استغفار جي ڪثرت  

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! رجب جون برڪتون ماڻڻ جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته هن مبارڪ مهيني ۾ اِستِغفَار جي ڪثرت ڪئي وڃي۔ نيڪن جي سردار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّي اللّٰه عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي رَجَب جي مهيني ۾ اِستِغْفار جي ڪثرت ڪريو۔ بيشڪ ان جي هر هر گھڙي ۾ الله ڪريم ڪيئي  ٻانهن کي باھ کان نجات عطا فرمائيندو آهي۔ (مسند الفردوس، باب الالف، ذکر الاحادیث التی امر بہا النبی امتہ۔۔۔الخ، 1/81، حدیث:247)

          حضرت سَيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪا رجَب جي مهيني ۾ صبح و شام هٿ کڻي ستّر (70) ڀيرا هن طرح مغفرت جي دُعا گھري:اَللّٰهمَّ اغْفِرْ لِي وَ ارْحَمْنِي وَ تُبْ عَلَيّ“ ترجمو: اي الله! منهنجي مغفرت فرماءِ، مون تي رحم فرماءِ ۽