Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”رجب جو مهينو ڪيئن گذاريون؟ “ اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌنديوسين ته هن مبارڪ مهيني کي ڪيئن گذاريو وڃي؟ دُعائن جي قبوليت جي لاءِ 5 اهم راتيون ڪهڙيون آهن؟ حُرمت (يعني عظمت وپاڪيزگي) وارا 4 مهينا ڪهڙا آهن؟ خاص ڪري رجب ۾ ڪهڙا ڪهڙا وظيفا وغيره پڙھيا وڃن؟ نهايت ئي توجھ ۽ دِلجمعي سان سمورو بيان ٻڌڻ جي ڪوشش ڪريو، ڪثير معلومات جو خزانو هٿ ايندو، اِنْ شَــآءَالـلّٰـه

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

رجب جي مهيني  ۾ دعا جي قبوليت

          حضرت سيدُنا عبدُالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا ارشاد فرمائن ٿا: مان اميرُ المؤمنين حضرت سيدُنا عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ موجود هئس ۽ پاڻ ماڻهن کي انهن جون ڪيفيتون ڏيکاري رهيا هئا۔ انهيء دوران سندن جي ڀرسان هڪ اهڙو پوڙهو شخص گذريو جيڪو انڌو ۽ لنگڙو هو، ان جي اڳيان اڳيان هڪ ٻيو شخص هلي رهيو هو جيڪو ان لنگڙي انڌي کي سختي سان