Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

آهي.  بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم پسند ڪندا هئا ته انهن کي نيڪ عملن کان پوءِ موت اچي جيئن رمضان جو روزو رکڻ کان پوءِ ۽ حج کان واپسي تي موت اچي۔ چيو ويندو هو: جنهن جو ائين انتقال ٿيندو آهي ان کي بخشيو ويندو آهي۔ (لطائف المعارف،ص138)

رجب ۾ انتقال جي تمنا ڪرڻ وارو عالمِ دين

هڪ نيڪ عالمِ دين رَجَبُ المرجّب کان پهريان بيمار ٿيو ته فرمائڻ لڳو: مون الله پاڪ کان دُعا ڪئي آهي ته منهنجي وفات رجَبُ المرجّب تائين مؤخّر فرمائي ڇوته مون کي اها خبر پهتي آهي ته رجب ۾ الله پاڪ ٻانهن کي (دوزخ کان) آزاد فرمائيندو آهي۔ پوءِ الله پاڪ اُنهن کي رَجَبُ المرجّب عطا فرمايو ۽ انهيء مهيني ۾ سندن انتقال ٿيو۔ (لطائف المعارف ،ص138)

رجب الله پاڪ جو مهينو آهي

اسان جي پياري نبي، مڪي مدنيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: رَجَبٌ شَهرُ الله تعالٰي وَشَعْبَانُ شَهرِي وَرَمَضَانُ شَهرُ اُمَّتِي يعني رجب الله پاڪ جو مهينو آهي، شعبان منهنجو مهينو آهي ۽ رمضان منهنجي اُمّتين جو مهينو آهي۔ (مسند الفردوس، باب الراء،2/275،حدیث:3276)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  هونئن ته هر مهينو ئي الله پاڪ جو آهي، پر حديثِ پاڪ ۾ خاص طور تي رجب کي الله پاڪ جو مهينو ڇو قرار ڏنو ويو ان جي حڪمت بيان ڪندي علامه عبدُ الرؤف مَناوي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رجب کي الله پاڪ ڏانهن منسوب ڪرڻ هن مهيني جي شرافت ۽ عظمت تي دلالت ڪري ٿو۔ (فیض القدیر، حرف الراء، 4/24،تحت الحدیث:4411)

شيخ شِهابُ الدّين احمد بن حجازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اها حديثِ پاڪ لکڻ کان پوءِ فرمائن ٿا: حرمت وارا ٽي مهينا (ذُو القعده، ذُو الحجه ۽ محرّم) ته لڳاتار آهن ۽ هڪ مهينو اڪيلو آهي جيڪو رجب آهي۔ صوفي سڳورا رَحِمَهمُ اللّٰه السَّلَام فرمائن ٿا: بيشڪ الله پاڪ اڪيلو آهي ته الله پاڪ جو مهينو به تنها آهي تنهنڪري الله پاڪ سان محبت ڪرڻ واري کي به گھرجي ته هو پنهنجي محبت تنها سان رکي ته جيئن دُنيا ۾ ان جي اندر ان اڪيلي(خدا) جي عبادت جي صلاحيت پيدا ٿئي