Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

پنهنجي انهيءَ مڪتوب ۾ فرمائن ٿا: تمام اسلامي ڀائرن سان بالعُمُوم ۽ جامعات المدينہ ۽ مدارس المدينہ جي جمله قاري صاحبن، استادن، ناظمن ۽ طالبن جي خدمت ۾ بالخصوص تڙپندڙ مدني عرض آهي ته براءِ ڪرم! (منهنجي جيئري ۽ مرڻ کان بعد به) زڪوٰة، فطرو، قرباني جون کلون ۽ ٻيا عطيات جمع ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺندا ڪريو. (اسلامي ڀينرون ٻين اسلامي ڀينرن ۽ مَحارِم کي ترغيب ڏيارين) خدا جو قسم! مون کي انهن استادن ۽ شاگردن جي باري ۾ ٻڌي ڪري تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ وڃڻ جي خواهش کي قربان ڪري رمضان المبارڪ جو مهينو جامعات ۾ گذاريندا آهن ۽ پنهنجي مَجلس جي هدايتن جي مطابق چندي جي بستن تي ذميداريون سنڀاليندا آهن. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.۔( مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

سینہ تری  سُنَّت کا مدینہ  بنے آقا                       جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا  بنانا

حديث پاڪ جي متعلق مفيد نڪتا

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! حديثِ پاڪ جي متعلق نڪات ملاحظه فرمايو. پهريان 2 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه ڪيو(1) فرمايائون: جيڪو  ديني معاملن جي متعلق چاليھ(40) حديثون ياد ڪري منهنجي امت تائين پهچائي الله پاڪ (قيامت جي ڏينهن) ان کي اهڙي شان سان اٿاريندو جو اهو فقيھ هوندو ۽ مان قيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت فرمائيندس ۽ ان جي