Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

منهنجي توبه قبول فرماءِ۔ ته ان جي جسم کي ڪڏهن به باھ نه ڇُهندي۔ (طھارۃ القلوب ،الفصل الثانی عشر فی التقوی، ص 126)

          ان ڪري اِستِغْفار جي ڪثرت کي پنهنجو معمول بڻايو۔ ممڪن هجي ته ڪجھ منٽ ئي سهي اِستِغْفار (اَسْتَغْفِرُالله) پڙھڻ جي لاءِ خاص ڪري وٺو۔  

رجب ۾ ايصالِ ثواب ڪريون!

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! جهڙي طرح عام ڏينهن ۾ پنهنجي مرحومين ۽ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي ايصالِ ثواب جي لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪيا ويندا آهن، اهڙي طرح رجَبُ المرجب ۾ به ايصالِ ثواب جو اهتمام ڪيو ويندو آهي۔ ڪيئي  اسلامي ڀينرن جي گهرن ۾ حضرت سيدُنا امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايصالِ ثواب جي لاءِ کيرڻي ۽ مٺي ماني وغيره تي فاتحه خواني ٿيندي آهي. جهنن کي ڪونڊا چيو ويندو آهي، يقيناً انهن سڀني جي اصل ايصالِ ثواب آهي جيڪا احاديثِ مبارڪه مان ثابت آهي۔

          حضرت سيدُنا سعد بن عُباده رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اُنهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي ماءُ جو انتقال ٿي ويو آهي، اُن جي لاءِ ڪهڙو صدقو افضل آهي؟حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: ’’پاڻي‘‘ پوءِ  حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ کوھ کوٽايو ۽ چيو ته اهو کوھ سعد جي ماءُ جي لاءِ آهي۔ )يعني ان جو ثواب ان جي روح کي ملي) (ابو داؤد،کتاب الزکاۃ،باب فی فضل سقی الماء،2/180،حدیث:1681)

          حضرت علامه جلالُ الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا ته صحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰه عَنْهم ست (7) ڏينهن تائين انتقال ٿي ويندڙن جي طرفان کاڌو کارائيندا هئا۔ (الحاوی للفتاوی،کتاب الاضحیۃ،باب الشہادات،2/ 223)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو کاڌو کارائڻ جي ذريعي ايصالِ ثواب ڪرڻ سنتِ صحابه آهي ۽ رجب جي ڪونڊن ۾ به کاڌي ئي جي شيء هوندي آهي جيڪا ايصالِ ثواب جي لاءِ کارائي ويندي آهي۔

رجب جا ڪونڊا

          حضرتِ علامه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: