Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

رجب جي پهرين رات عبادت ۾ گذاريون

          رجب جي مهيني ۾ ڪئي ويندڙ ڪمن مان هڪ اهو به آهي ته جڏهن رجب جي پهرين رات اچي ته ان کي خاص ڪري عبادت ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪريون، نفل ۽ تلاوت جي ڪثرت ڪريون، درود وسلام پڙھون ۽ مدني چينل سان گڏ پهرين رات گذاريون۔

          وڌيڪ هن مهيني ۾ ڇا ڇا ڪرڻ گھرجي، اچو! انهيء باري ۾ اَمِيرِ اهلسنّت حضرت ِ علّامه محمد الياس عطّار قادِري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي رجب المرجب جي حوالي سان مڪتوب جو خلاصو ٻڌون ٿيون:

مڪتوبِ عطّار

اَميرِاهلسنت دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: منهنجي طرفان، تمام اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن، مدارس المدينه ۽ جامعاتُ المدينه جي اساتذه ، طَلَبه، معلمات ۽ طالبات جي خدمات ۾ ڪعبهءِ مُشَـرّفه جي چوڌاري گھمندو، گنبذ خضريٰ کي چمندو رَجَبُ المُرَجب، شَعبانُ المُعَظم ۽ رمضانُ المُبارڪ جي برڪتن سان مالا مال جهومندو سلام،

اَلسَّلامُ عَلَیکم وَرَحمَة اللّٰه وَ بَرَکٰتُه                           
 اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ العٰلَمِينَ عَلٰي کلِّ حَالٍ

ہو نہ ہو آج کچھ مرا ذکر حُضور میں ہوا                             ورنہ مِری طرف خوشی دیکھ کےمسکرائی کیوں

(حدائقِ بخشش ،ص۹۷)

 اَلْحَمْدُ لِلّٰه هڪ ڀيرو وري خوشين جا ڏينهن اچڻ لڳا رجب شريف جي مهيني جي آمد آمد آهي. هن مبارڪ مهيني ۾ عبادت جو ٻج پوکيو ويندو آهي، شَعبانُ المُعَظم ۾ شرمساري جي ڳوڙهن سان پاڻي ڏنو ويندو آهي ۽ رمضان المبارڪ جي مهيني ۾ رحمت جو فصل ڪٽيو ويندو آهي.

ٽن مهينن جا روزا

رجب المرجب جا قدر دانو! تعليم و تعلُّم (يعني سکڻ ۽ سيکارڻ) ۽ ڪسبِ حلال ۾ رڪاوٽ نه هجي، ماءُ پيءُ به بلا وجه منع نه ڪن، ڪنهن جي به