Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

          حرمت وارن مهينن جي باري ۾ جيڪا آيت سڳوري ذڪر ڪئي وئي آهي ان جي حوالي سان تفسيرن ۾ آهي ته آيت سڳوري ۾ جيڪو ظلم کان منع ڪيو ويو آهي هن ظلم مان الله پاڪ جي نافرماني وارا ڪم ڪرڻ ۽ ان جي اطاعت وارا ڪم ڇڏي ڏيڻ مراد آهي ۔ (درمنثور،التوبۃ،تحت الآیۃ:36،4/187۔تفسیرطبری،التوبۃ،تحت الآیۃ:36،6/365، رقم:16710۔ تفسیر ابن ابی حاتم ،التوبۃ،تحت الآیۃ:36، 5/47،رقم :10344)

          حضرت سيدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا ته الله پاڪ انهن 12 مهينن مان 4 مهينن کي خصوصيت عطا فرمائي ۽ ان جي حرمت کي عظمت بخشي ۽ انهن مهينن ۾ گُناھ کي وڏو گُناھ قرار ڏنو۔ (تفسیر ابن ابی حاتم،التوبۃ،تحت الآیۃ:36، 5/46، رقم:10337۔تفسیر طبری، التوبۃ، تحت الآیۃ: 36، 6/366، رقم :16711)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  معلوم ٿيو ته حرمت وارن مهينن ۾ گناھ ڪرڻ عظيم گناھ آهي. حرمت وارن مهينن ۾ رجب جو مهينو به شامل آهي ته اسان کي اُن ۾ به گناهن کان بچڻ گهرجي. اچو! هن مهيني جو احترام ڪرڻ ۽ ان ۾ گناهن کان بچڻ جي برڪتن تي مشتمل هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون.

رَجَب جو احترام ۽ ان جو انعام

جيئن اَمِيرِ اهلسنّت، حضرت علّامه محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تاليف فيضانِ سُنّت (جلد اوّل) جي صَفحي 1355 تي هڪ حِڪايت بَيان فرمائن ٿا: حضرتِ سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي دور جو واقعو آهي ته هڪ شخص ڪافي عرصي کان ڪنهن عورت تي عاشق هيو۔ هڪ ڀيري ان پنهنجي معشوقه کي قابو ڪيو۔ ماڻهن جي هلچل مان ان اندازو لڳايو ته ماڻهو چنڊ ڏسي رهيا آهن۔ ان عورت کان پُڇيو: ماڻهو ڪهڙي مهيني جو چنڊ ڏسي رهيا آهن؟ ان چيو: رجب جو“۔ اهو شخص جيتوڻيڪ ڪافر هيو پر رجب شريف جو نالو ٻُڌندي ئي تعظيم خاطر يڪدم الڳ ٿي ويو ۽ زنا کان مُڙي ويو۔ حضرتِ سيّدُنا عيسيٰ روح الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي حڪم ٿيو ته اسان جي فلاڻي ٻانهي جي زيارت لاءِ وڃو۔ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام تشريف کڻي ويا ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو حڪم ۽ پنهنجي تشريف آوريءَ جو سبب ارشاد فرمايائون۔ اهو