Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

ٻُڌندي ئي ان جي دل اسلام جي نور سان مُنور ٿي وئي ۽ ان يڪدم اسلام قبول ڪري ورتو۔ (فيضانِ سنّت جلد اوّل ،ص۱۳۵۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏٺو اوهان رجب جي بهار! رجَبُ المُرَجَّب جي تعظيم ڪري هڪ ڪافِر کي ايمان جي دولت نصيب ٿي وئي۔ ته جيڪا مسلمان رجَبُ الْمُرَجَّب جو احترام ڪندي ان کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا انعام ملندا۔ اسان کي گھرجي ته رجَب شريف جو خوب احترام ڪريون۔

رجب جو مهينو ڪيئن گذاريون؟

      اسان رجب جو مقدس مهينو ڪيئن گذاريون؟ اچو! هن باري ۾ ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿيون:

 نيڪ ڪمن ۾ وقت گذاريو!

هونئن ته سڄو سال اسان کي نيڪين ۾ مصروف رهڻ گهرجي پر رجب ۾ خاص طور تي خوب نيڪ عملن جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ڇوته اهو حرمت وارن مهينن مان آهي ۽  مشهور تابعي بزرگ حضرت سيدنا قتاده فرمائن ٿا: اَلْعَمَلُ الصَّالِحُ اَعْظَمُ اَجْرًا فِیْ الْاَشْہُرِ الْحُرُمِ  يعني حرمت وارن مهينن ۾ نيڪ عمل جو اجر وڌي ويندو آهي. ( تفسیر بغوی،التوبۃ،تحت الآیۃ:36، 2/244)

 رجب جا روزا رکو!

          هن سان گڏوگڏ رجب جون رحمتون ۽ برڪتون ماڻڻ جو هڪ طريقو اهو آهي ته هن ۾ خوب خوب روزا رکيا وڃن، ڇوته رجب مهيني ۾ به روزا رکڻ جون کوڙ فضيلتون آهن، اچو! رجب جا روزا رکڻ بابت فضيلتن واريون ٽي روايتون ٻڌون ٿيون:

(1) حضرت سيدُنا انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي: جنّت ۾ هڪ نهر آهي جنهن کي رجب چيو وڃي ٿو، ان جو پاڻي کير کان وڌيڪ سفيد ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺو آهي، جيڪو رجب جي مهيني ۾ هڪ روزو رکندو الله تعاليٰ ان کي ان نهر مان سيراب فرمائيندو. (شعب الایمان،باب فی