Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

جي هڪ ڊگھي روايت ۾ آهي: جاهليت واري زماني ۾ به ماڻهو ان مهيني جي تعظيم ڪندا هئا، پنهنجي مٿان ڪيل ظلم جي خلاف ڪا بددُعا وغيره نه ڪندا هئا پر جڏهن رَجَبُ المرجّب جو مهينو ايندو هو ته ظالم جي خلاف دُعا ڪندا هئا ته انهن جي دُعا قبول ٿي ويندي هئي۔ (تاريخ ابن عساکر،45/81)

          حضرت امام زَڪريا قَزوِيني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ شارحِ بخاري حضرت سيدُنا امام قَسطلاني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه بيان فرمائن ٿا ته ڪثير حديث سڳوريون رجب جي مهيني جي عظمت ۽ شان تي دلالت ڪن ٿيون ان ۾ عبادتون قبول ۽ دُعائون مُستجاب ٿين ٿيون، جاهليت واري زماني ۾ ڪو مظلوم شخص جيڪڏهن ظالم جي لاءِ بد دُعا ڪرڻ چاهيندو هو ته پنهنجو ارادو رجب تائين مؤخّر ڪندو هو ۽ رجب جي اچڻ تي ظالم جي خلاف دعا ڪندو هو ته اها دُعا قبول ٿي ويندي هئي۔ (عجائب المخلوقات،ص69۔لوامع الانوار،الباب الثالث۔۔۔الخ،الدعاء فی شہر رجب، ص260 مفہوماً)

دُعائن جي قبوليت جي لاءِ 5 اهم راتيون

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! دُعا جي قبوليت ۾ 5 راتين کي وڏي اهميت حاصل آهي جيئن ته حضرت سيدُنا عبدُ الله بن عمررَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: پنج (5) راتيون اهڙيون آهن جنهن ۾ دُعا رَد ناهي ڪئي ويندي: (1) جمعرات ۽ جمعي جي وچين رات (2) رجَب جي پهرين (يعني چنڊ) رات (3) پندرهن (15) شعبان جي رات (يعني شبِ براءَت) (4) عيدُالفطر جي (چنڊ) رات (5) عيدُالاَضحٰي جي (يعني ذُوالْحِجّه جي ڏهين) رات۔ (مصنف عبدالرزاق،کتاب الصیام،باب النصف من شعبان،4/246،حدیث: 7957۔لوامع الانوار، الباب الثالث فی اذکار۔۔۔الخ،الدعاء فی شہر رجب، ص 259بتقدم و تاخر)

یاالٰہی جو دعائے نیک میں تجھ سے کروں                  قدسیوں کے لب سے آمیں رَبنا کا ساتھ ہو

رَجب“ نالو رکڻ جو سبب

          حرمت وارن مهينن مان هڪ رجَبُ المرجّب به آهي جيڪو اسلامي سال جو ستون مهينو آهي۔ رجب اصل ۾ تَرْجِیْبٌ مان مشتق (نڪتو) آهي جنهن جي معني آهي تعظيم و تڪريم، رجب کي رَجَب ان ڪري چوندا آهن جو ان مهيني کي عظمت بخشي وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو ان کي رَجَبُ المُرَجَّب (يعني اهو