Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

حق تلفي نه ٿيندي هجي ته جلدي جلدي ۽ تمام جلدي مسلسل ٽن مهينن جا يا رمضان المبارڪ جي مڪمل فرض روزن سان گڏ جنهن کان جيترا ٿي سگهن نفل روزن جي لاءِ تيار ٿي وڃو، سحري ۽ افطار ۾ گهٽ کائي پيٽ جو قفل مدينه به لڳايو. ڪاش! هر گهر ۾ ۽ منهنجي جمله مدارس المدينه ۽ تمام جامعة المدينه ۾ روزن جون بهارون اچي وڃن. بس پهرين رجب شريف کان ئي روزن جو آغاز فرمائيندا وڃو.

رجب جي ابتدائي ٽن روزن جي فضيلت

      رَجب شريف جي ابتدائي ٽن روزن جي فضيلتن جي به ڇا ڳالھ آهي! حضرتِ عبدُالله اِبنِ عبّاس رَضِىَ اللّٰه  عَنْهما کان روايت آهي:

      بي چَين دلين جي چَين، ناناءِ حَسنين صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ رَحمت نشان آهي: رجب جي پهرئين ڏينهن جو روزو ٽن سالن جو ڪفارو آهي ۽ ٻئي ڏينهن جو روزو ٻن سالن جو ۽ ٽئي ڏينهن جو رزو هڪ سال جو ڪفارو آهي، پوءِ هر ڏينهن جو رزو هڪ مهيني جو ڪفارو آهي. (جامع صغیر ،ص۳۱۱، حدیث: ۵۰۵۱)

  میں گنہگار گناہوں کے سِوا کیا لاتا

 

نیکیاں ہوتی ہیں سرکار نِکو کار کے پاس

(وسائل بخشش مرمم،ص۲۳۵)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اَميرِاهلسنّت دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: جيڪڏهن مُطالَعو ڪري ورتو هجي تڏهن به ٻئي رسالا (1) ڪـفـن جـي واپسـي پڻ رجب جون بهارون ۽ (2) آقا جو مهينو پڙهي ڇڏيو، ۽ پڻ هر سال شعبان المُعَظّم ۾ فيضان سنّت جلد اول جو باب فـيـضـانِ رمـضـان“ به ضرور پـڙهـنـدا ڪريو. ٿي سگهي ته عيدِ مِعراجُ النبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نسبت سان 127 يا 27 رسالا يا حسبِ توفيق فيضانِ رمضان به تقسيم فرمايو ۽ خوب خوب ثواب ڪمايو.

عطيات گڏ ڪرڻ ۾ حصو وٺو

          اَميرِاهلسنّت، حضرت علامه محمد الياس عطار قادري دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه