Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

پائيندي هئي۔ هڪ ڀيري اها بيمار ٿي وئي ته ان پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي ته مون کي انهيءَ اُوني لباس سميت دفن ڪيو وڃي۔ جڏهن اها مري وئي ته ان جي پٽ ان کي عمده ڪپڙن جو ڪفن پارايو، رات جو ان خواب ۾ پنهنجي والده کي ڏٺو ته اها چئي رهي هئي: مان تو کان خوش نه آهيان ڇوته تو منهنجي وصيت پوري ناهي ڪئي۔ اهو گھٻرائجي ويو، پنهنجي امڙ جو اهو لباس کنيو ته جيئن ان کي به قبر ۾ دفنائي ڇڏي، ان وڃي ماءُ جي قبر کوٽي پر ان کي قبر ۾ ڪجھ نه مليو، اهو ڏاڍو حيران ٿيو تڏهن ان اها ندا ٻڌي ته ڇا توکي معلوم ناهي ته جنهن رجب ۾ اسان جي اطاعت ڪئي، اسان ان کي تنها ۽ اڪيلو ناهيون ڇڏيندا۔ (مکاشفۃ القلوب،الباب المتمم للمائۃ فی فضائل رجب،ص302۔ تحفۃ الاخوان ،ص 11)

رجب ا لمرجب ۾ دعاءِ نبوي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  روايت ۾ اچي ٿو ته: جڏهن رجب المرجّب جو مهينو ايندو هو ته حضور نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي دُعا گھرندا هئا: اَللّٰهمَّ بَارِڪ لَنَا فِي رَجَبٍ وَّ شَعْبَانَ وَبَلِّغْنَا رَمَضَان۔ ترجمو: ياالله! اسان جي لاءِ رجب ۽ شعبان ۾ برڪت فرماءِ ۽ اسان کي رمضان نصيب فرماءِ۔ (معجم اوسط،من اسمہ علی ،3/85 ،حدیث:3939۔ لوامع الانوار،الباب الثالث فی اذکار۔۔۔الخ، الدعاء فی شہر رجب، ص260)

          مُفسّرِ قرآن، مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: صوفي سڳورا رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم فرمائن ٿا: رجب ٻج پوکڻ جو مهينو آهي، شعبان پاڻي ڏيڻ ۽ رمضان فصل ڪٽڻ جو، تنهنڪري رجب جي مهيني ۾ نفلن جي خوب ڪوشش ڪريو، شعبان ۾ پنهنجي گناهن تي رُئو ۽ رمضان ۾ رَبّ تعاليٰ کي راضي ڪري هن فصل کي خيريت سان لُڻو، انهن جي هن قول جو ماخذ اها (بيان ڪيل) حديث آهي يعني رجب ۾ اسان جي عبادتن ۾ برڪت ڏي ۽ شعبان ۾ خشوع و خضوع عطا فرماءِ، ۽ رمضان کي ماڻڻ ۽ هن ۾ روزا ۽ قيام نصيب ڪر۔ (مراٰ ۃ المناجیح،2/330 بتغیر)

فضيلت وارو  زمانو ماڻڻ جي دعا مستحب آهي

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حديث شريف مان معلوم ٿيو ته نيڪ عملن جي لاءِ فضيلت واري زماني تائين زندھ رهڻ جي دُعا ڪرڻ مستحب