Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

          ”اي الله! مان سچي دل سان اها دعا گھران ٿو ته تون هڪ کان علاوه صبغاء جي سڀني پٽن کي هلاڪ فرمائي ڇڏ ۽ ان هڪ کي لنگڙو ۽ انڌو ڪري ڇڏ ۽ ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو ان کي سختي سان گھليندو وتي۔“ پوءِ انهيء سال هڪ هڪ ٿي انهن مان 9 ڀاتي مري ويا ۽ اهو هڪ باقي بچيو هو جيڪو انڌو ٿي ويو، ان جون ٽنگون به مفلوج ٿي ويون، جيئن اوهان ڏسي رهيا آهيو ۽ ان کي کڻي ايندڙ ۽ ويندڙ سختي سان ان کي گھلي ڪري آڻيندو ۽ وٺي ويندو آهي اهو به اوهان ڏسي ئي ورتو۔ حضرت سيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: بيشڪ اهو تمام ئي عجيب واقعو آهي۔ (کتاب البر و الصلۃ لابن جوزی،الباب الثلاثون فی ثواب صلۃ الرحم ۔۔۔الخ ،ص167)

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن واقعي ۾ ٻين تي ظلم و ستم ڪرڻ وارين جي لاءِ عبرت ئي عبرت آهي، ٻين اسلامي ڀينرن تي اجايو رُعب وجهڻ ۽ پنهنجي طاقت آزمائڻ وارين کي گھرجي ته مظلوم جي آھ کان ڊڄن، ڪنهن منصب مان ناجائز فائدو کڻي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ظلم وستم ڪرڻ وارين جي لاءِ به اهو عبرت جو مقام آهي، ڇوته جڏهن مظلومه ظالمه جي خلاف بارگاھ الٰهي ۾ فرياد ڪندي آهي ته ان جو فرياد ٻڌو ويندو آهي ۽ ظالمه کي انجام تائين پهچڻ ۾ دير ناهي لڳندي جيئن  

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِتَّقِ دَعْوَة الْمَظْلُوْمِ فَاِنَّھَا لَيسَ بَينَھَا وَ بَينَ الله حِجَابٌ يعني مظلوم جي بد دُعا کان بچو! بيشڪ ان جي بد دُعا ۽ الله پاڪ جي وچ ۾ ڪا رُڪاوٽ ناهي۔ (بخاری، کتاب المظالم و الغصب، باب الاتقاء و الحذر۔۔۔الخ،2/128،حدیث:2448) اچو سڀ ملي ڪري دعا  ڪيون ٿيون:

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسطے اُٹھیں                      بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یارب

رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دم              کریں نہ رخ مِرے پاؤں گناہ کا یارب

(وسائل بخشش مرمم،ص۷۶،۷۷)

          بيان ڪيل واقعي مان اهو به معلوم ٿيو ته رَجَبُ المرجّب جو مهينو دُعائون قبول ٿيڻ جي حوالي سان وڏي اهميت وارو آهي جيئن ته تاريخ ابنِ عساڪر