Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

گھليندو وٺي وڃي رهيو هو۔ حضرت سيدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه اهو منظر ڏسي ارشاد فرمايو: مون ايترو بُرو منظر اڄ کان پهريان ڪڏهن نه ڏٺو۔

          حضرت سيدُنا عمرِ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ ويٺل ماڻهن مان هڪ چيو: اي اميرُالمومنين ڇا اوهان هن کي سڃاڻو ٿا؟ جواب ڏنائون: نه۔ ان چيو: اهو ابنِ صَبغاء آهي، جنهن تي ”برِيق“ جي ڦٽڪار پئي آهي۔ حضرت سيدُنا عمرِ فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: برِيق ته اُن جو لقب آهي پر اُن جو نالو ڇا آهي؟ ماڻهن ٻڌايو ته ان جو نالو ”عِياض“ آهي۔ فرمايائون: عِياض کي مون وٽ وٺي اچو۔ جڏهن اهو آيو ته پاڻ ان کي فرمايائون: مون کي پنهنجو ۽ بنوصَبغاء جو واقعو ته ٻڌايو۔ اُنهن عرض ڪيو: اي اميرُالمومنين! اهو جاهليت واري زماني جو معاملو آهي جنهن جو قصّو ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ته الله پاڪ اسلام جي ذريعي روشني ڪئي آهي۔ حضرت سيدُنا عمر فاروق رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: الله ڪريم معاف فرمائي، جڏهن کان الله پاڪ اسان کي دينِ اسلام جي ذريعي عزّت عطا فرمائي آهي تڏهن کان اسان کي اهو نٿو جڳائي ته اسان دورِ جاهليت جي ڪنهن معاملي جي باري ۾ گفتگو ڪريون بهرحال توهان پنهنجو ۽ بنو صَبغاء جو (عبرت انگيز) واقعو بيان ڪريو۔ عياض واقعو ٻڌائيندي عرض ڪيو: اي اميرالمومنين! صَبغاء جا ڏھ (10) پٽ هئا ۽ مان انهن جو سوٽ هيس، منهنجي ڀائرن مان منهنجي علاوه ڪو ٻيو باقي ناهي رهيو۔ مان پنهنجي سوٽن جي پاڙي ۾ رهندو هئس، منهنجي سڄي قوم ۾ اهي ئي منهنجا سڀ کان وڌيڪ قريبي رشتيدار هئا۔ هو مون تي ظلم و ستم ڪندا هئا ۽ منهنجو مال ناحق کسي وٺندا هئا، مان انهن کي خدا جو خوف ڏياريندو هئس، رشتيداري ۽ پاڙيسري هئڻ جا واسطا ڏيندو هئس ته مون تي ظلم نه ڪيو پر اهي واسطا ڏيڻ به مون کي انهن جي ظُلم کان نه بچائي سگھيا، مون انهن کي سندن حالت تي ڇڏي ڏنو، ايستائين جو جڏهن حُرمت (يعني عظمت ۽ پاڪيزگي) وارو مهينو (رجب) (تاريخ ابن عساکر،45/ 81)  آيو ته مون آسمان ڏانهن هٿ کڻي انهن جي لاءِ بد دُعا ڪئي: