Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”سڄو قرآن پاڪ نعتِ مصطفٰي آهي“ جنهن ۾ اسان حضور نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت، فضائل ۽ برڪات ۽ اهي خوبيون جيڪي قرآن ڪريم ۾ بيان ڪيون ويون آهن، مثال طور قرآن ڪريم ۾ ڪٿي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کي شفاعت ڪرڻ وارو فرمايو ويو ته ڪٿي سندن کي سِراجاً مُّنيرًا(يعني چمڪندڙ سج) فرمايو ويو۔ ڪٿي سندن کي يٰس ۽ طٰہٰ فرمايو ويو ته ڪٿي پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي مزّمّل ۽ مُدّثّر فرمايو ويو، مطلب ته الله پاڪ پنهنجي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي جن بيشمار وصفن ۽ خاصيتن سان نوازيو آهي، انهن جي باري ۾ ٻڌنداسين۔   ڪنهن پنجابي شاعر ڇا خوب چيو آهي:

دَساں کی  میں مُصطفیٰ دی کِڈّی سوہنی  شان اے                              آپ دی تعریف وِچ سارا ہی قرآن اے

پڑھ کے تُوں ویکھ جہڑا مرضی سِپارہ                               قَسَم خدا دی مینوں سب نالوں پیارا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 اچو! عظمتِ مصطفيٰ سان معمور ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا، پوءِ انهن جي متعلق قرآني آيتون ۽ انهن جي تفسير جا مدني گل به ٻڌون ٿا:

يَارَسُولَ الله اُنظُرحَالَنا

 جڏهن حضور اقدس صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابه  ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُمکي ڪجھ تعليم ۽ تلقين فرمائيندا هئا ته اهي ڪڏهن ڪڏهن وچ ۾ عرض ڪندا ها.” رَاعِنَا یَارَسُوْلَ اللہ “ هن جملي جي معنيٰ هي هئي ته يارسول الله! صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  اسان جي حال تي رعايت فرمايو يعني ڪلامِ اقدس کي چڱي طرح سمجهڻ جو موقعو ڏيو. يهودين جي لغت ۾ اهو ڪلمو بي ادبي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو هو ۽ انهن