Book Name:Quran-e-Pak Aur Naat-e-Mustafa

الله پاڪ پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عمر جو قسم ياد فرمائيندي ارشاد فرمايو: ( لَعَمْرُكَ اِنَّهُمْ لَفِیْ سَكْرَتِهِمْ یَعْمَهُوْنَ(۷۲) (پ۱۴،الحجر:۷۲) ترجمو ڪنزالايمان :اي محبوب توهان جي جان جو قسم بيشڪ هو پنهنجي نشي ۾ ڀٽڪي رهيا آهن۔ )

الله ڪريم پنهنجي محبوبِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مقدس شهر جو قسم ياد فرمايو ۽ ارشاد فرمايو: ( لَاۤ اُقْسِمُ بِهٰذَا الْبَلَدِۙ(۱) (پ۳۰،البلد:۱) ترجمو ڪنزالايمان: مون کي هن شهر جو قسم۔)

الله پاڪ نبيءِ بي مثال، سيده آمنه جي لال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زماني جو قسم ياد فرمائيندي ارشاد فرمايو: ( وَ الْعَصْرِۙ(۱) (پ۳۰،العصر:۱) ترجمو ڪنزالايمان: ان محبوب جي زماني جو قسم۔

سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هن طرف اشارو ڪندي فرمائن ٿا

ہے کلامِ الٰہی میں شَمس و ضُحٰے تِرے چہرۂ نور فزا کی قسم

قسمِ شبِ تار میں راز یہ تھا کہ حبیب کی زُلفِ دوتا کی قسم

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد 

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم’’چوڪ درس‘‘

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه! دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ پياري آقا، مڪي مدني مُصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شان ۽ عظمت کي بيان ڪيو ويندو آهي، محبتِ رسول جا جام ڀري ڀري پيئاريا ويندا آهن، اوهان به پنهنجي دل ۾ محبت جو چراغ روشن ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي ۽ 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصّو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان روزانو جو هڪ مدني ڪم چوڪ درس به آهي۔ چوڪ دَرس مُسَلمانن کي بُرائين کان بچائڻ جو ذريعو آهي ٭ چوڪ دَرس بي